دراني مهر ڪچي ۾ آپريشن: ايس ايڇ او شهيد: 12 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ

0
336

تازه ترين اپڊيٽس: ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ڪشمور عرفان سمون دعويٰ ڪئي آهي ته ايس ايڇ او جي شهادت بعد آپريشن ۾ 11 کان 12 ڌاڙيل مارجي ويا آهن

ڪنڌڪوٽ ۽ غوثپور جي دراني مهر ڪچي ۾ آپريشن دوران ڌاڙيلن جي حملي ۾ ايس ايڇ او عبداللطيف ميراڻي شهيد ٿي ويو، ڊي ايس پي قلندر بخش سومرو ۽ اهلڪار اسحاق ميراڻي سخت زخمي ٿي پيا

آپريشن دوران گوليون لڳڻ سبب لابارو ڪندڙ هڪ پورهيت ۽ عورت به زخمي ٿي پيا، ايس ايس پي عرفان سمون موجب خادم ڀيو گينگ خلاف آپريشن شروع ڪيو ته سبزوئي ۽ جاڳيراڻي گينگ به پوليس تي حملو ڪيو

ايس ايس پي دعويٰ ڪئي آهي ته آپريشن دوران 12ڌاڙيل مارجي ويا، جن جا لاش هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون

ايس ايس پي عرفان سمون ڌاڙيل خلاف آپريشن ۾ پاڻ به راڪيٽ لانچر هلائي رهيو آهي، جڏهن ته ڌاڙيلن جي فائرنگ سبب پوليس وٽ موجود اي پي سي چينز کي سخت نقصان پهتو آهي، شهيد ايس ايڇ او به اي پي سي ۾ موجود هو، گوليون آر پار ڪري وڃي پوليس آفيسرن کي لڳيون

ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ آهي ته خادم ڀيو گينگ جي خاتمي بعد ئي واپس موٽنداسين، ڏوهارين کي بخش نه ويندو، آپريشن دوران 11 کان 12 ڌاڙيل مارجي ويا آهن

پوليس موجب ڌاڙيلن اي پي سي چين مٿان راڪيٽ فائر ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي قلندر  بخش سومرو زخمي ٿي پيو، زخمي ٿيل ڊي ايس پي ۽ پوليس اهلڪار کي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو

ڌاڙيلن جي ٽولن پاران دراني مهر ٿاڻي تي به فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، پوليس جا وڌيڪ اٽالا طلب ڪيا ويا آهن

هي به پڙهندا

ڪنڌڪوٽ ڀرسان مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا