غوثپور (ن پ ا ) غوثپور ڀرسان دراني مهر ٿاڻي جي حد مان ٻن پوليس اهلڪارن سجاد جکراڻي ۽ عبدالجبار وسطڙو کي سرڪاري هٿيارن سميت هٿياربند اغوا ڪري ويا.  اطلاع ملڻ تي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڪچي جي مختلف هنڌن تي ناڪابندي ڪري هٿياربندن جو پيڇو ڪيو، پر کيس ڪاميابي نصيب نه ٿي.هٿياربند دراني مهر ٿاڻي تي ڊيوٽي تي ويندڙ اهلڪارن کي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا آهن، واقعي بعد علائقي ۾ خوف واري صورت حال پکڙجي وئي آهي، ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.هوڏانهن ٻن پوليس اهلڪارن جي ڏوهارين ويڊيو وائرل ڪري ڇڏي آهي.وڊيو ۾ ٻئي پوليس اهلڪار ٻڌائي رهيا آهن ته ڪشمور پوليس ڌاڙيلن جي 13 ورهين جي واجد کي گرفتار ڪرڻ جي عيوض ۾اسان کي اغوا ڪيو آهي. وڊيو ۾ اغوا ٿيل اهڪار ايس ايس ايس پي ڪشمور کان اپيل ڪري رهيا آهن ته گرفتار ڪيل ڏوهارين جي نينگر واجد کي آزاد ڪري اسان کي ڏوهارين جي چنبي مان آزاد ڪرايو وڃي،  اسان جي جان کي خطرو آهي.