غوثپور (ن پ ا) غوثپور جي ڳوٺ شهداد ڀيو، سوڍو ميراڻي، واحد بخش ڀيو، غلام قادر شيخ، گاهي خان ڀيو، تاج محمد جعفري، سائين داد ڀيو ۽ ڳوٺ حامد  ملڪ سميت ٻين ڳوٺن ۾ آدمشماري وارو عملو نه پهتو.ڳوٺاڻن حميد ملڪ، ممتاز شيخ، جاويد ڀيو، مولوي اسدالله ڀيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا کي گهر شماري جون ٽيمون ڳوٺن ۾ نه پهچڻ  جون شڪايتون ڪرڻ باوجود به ٽيمون ڳوٺن ۾ ناهن موڪليون ويون.  هنن مطالبو ڪيو آهي ته گهر شماري واريون ٽيمون ڳوٺن ۾ موڪلي گهر شماري واور عمل مڪمل ڪرائي ڳڻتي ختم ڪئي وڃي. ڳوٺاڻن چتاءُ ڏنو ته سومر ڏهاڙي 20 تاريخ تي ڊي سي آفيس آڏو سخت احتجاج ڪيو ويندو.