راولپنڊي (م ڊ) تحريڪ انصاف پنجاب ۾ پارٽي ٽڪيٽن جي غلط ورهاست جو نوٽيس وٺندي 30 ميمبرن کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ پي پي 7 تان شبير اعواڻ کان ٽڪيٽ واپس وٺي طارق مرتضيٰ، پي پي 10 تان طيبه ابراهيم کان ٽڪيٽ وٺي اجمل صابري ۽ پي پي 11 تان عدنان چوڌري کان ٽڪيٽ واپس وٺي عارف عباسي کي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، ذريعن موجب پي پي 101 فيصل آباد تان حسان احمد کان ٽڪيٽ وٺي شاهير رائو ۽ پي پي 108 سرگوڌا تان حافظ عطاءُ الله کان ٽڪيٽ واپس وٺي آفتاب سڌو کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اميدوار اڄ پنهنجون پارٽي ٽڪيٽس آر او آفيسز ۾ جمع ڪرائيندا. اسد عمر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ پنجاب ۾ پارٽي ٽڪيٽن جي غلط ورهاست جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ قيادت 30 ميمبرن کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي ۽ 30 سيٽن تي نيون ٽڪيٽون جاري ڪري ڇڏيون آهن. اسد عمر چيو ته پنجاب اسيمبلي جي لاءِ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽن جو جائزو ورتو ويو، هيل تائين 30 مان 21 ٽڪيٽ تبديل ڪيا ويا آهن، 9 ٽڪيٽ انهن سيٽن تي آهن جن تي پهرين ٽڪيٽ جاري نه ٿيا هئا، واضح رهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن ٽڪيٽن جي غير منصفاڻي ورڇ جون شڪايتون ڪيون هيون.