ڊکڻ (ن پ ا) غلام شاھ ٿاڻي جي حد جنت شاخ بس اسٽاپ وٽان چار ڏينهن اڳ  ايس ايچ او محمد نواز ڪورائي مزدا گاڏي کي پڪڙي 99 ڪلو چرس منشيات هٿ ڪري ٻن ڊرائيورن محمد عمر ۽ عزيز ﷲ بروهي کي گرفتار ڪري مٿن منشيات رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو، منشيات هٿ ڪرڻ دوران ايس ايچ او محمد نواز ڪورائي پاران وڊيو ٺاهي وئي هئي جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي شڪارپور تنوير حسين تنيو نوٽيس وٺندي ايس ايچ او غلام شاهه محمد نواز ڪورائي کي رورٽ ڪندي معطل ڪري ڇڏيو، کيس لائين حاضر ڪري روزاني جي بنياد تي رول ڪال رکي وئي ۽ سندس کي ٻن سالن تائين ضلعي شڪارپور ۾ پوسٽنگ تي پڻ پابندي پڻ لڳائي وئي آهي،جڏهن ته غلام شاھ ٿاڻي تي محمد امين ابڙو کي نئون ايس ايچ او مقرر ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي پاران واقعي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڊي ايس پي عزيز الله موريو جي اڳواڻي ۾ ٽن ڏينهن اندر جاچ ڪري رپورٽ ڏني ويندي. جڏهن ته الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جيڪو چرس پڪڙيو اهو ظاهر ڪري ڪيس داخل ڪيو وڪرو ڪرڻ جو الزام ڪوڙو آهي جاچ ۾ ضرور انصاف ٿيندو، هوڏانهن ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ وڏي مقدار ۾ چرس هٿ ڪيو ويو جنهن مان صرف 99 ڪلو چرس ظاهر ڪيو ويو آهي، ايس ايڇ او خلاف سخت قدم کنيا آهن جاچ ڪميٽي جي رپورٽ اچڻ بعد ايس ايڇ او ڏوهي نڪتو ته اڃا وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.