غلام شاھ موري (ن پ ا) غلام شاھ موري ڀرسان ڳوٺ حاجي خان چانڊيو ۾ لڳل ٽيلينور ٽاور جي نيٽورڪ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، نيٽورڪ نه هجڻ جي ڪري شاگردن کي آن لائن ڪلاسز ۾ حصو نه وٺي سگهيا، ٻي طرف شھرين ۽ شاگردن امتياز چانڊيو، ماستر جمن ھليو، غلام قادر چانڊيو، دليپ ڪمار، ياسين جمالي، عبدالحق چانڊيو ۽ ٻين پاران ريلي ڪڍي شھيد راڻي چوڪ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي شاگردن دانهيندي چيو ته ڳوٺ ۾ لڳل ٽيلينور ٽاور جي نيٽ ورڪ ڪيترن مھينن کان ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آھي، جنهن سبب آن لائين ڪلاس وٺڻ ۾ ڏکيائيون ٿي رهيو آهن، هنن چيو ته شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي نيٽ ورڪ بحال ڪيو وڃي.