غلام شاه موري(ن پ ا) غلام شاه موري ۾ برساتن کانپوء  مڇرن جو آزار وڌي ويو مڇرن جي اضافي ھئڻ ڪري مليريا جي ڪيسن ۾ رڪارڊ اضافو ٿي ويو آهي، پي پي ايڇ ائي غلام شاه موري سميت پرائيوٽ اسپتالن ۾ رش بيڊ ڀرجي ويا ھيستائين لڳ ڀڳ 75 سيڪڙو ماڻهوَ مليريا ۾ وٺجي ويا آهن. سرڪاري اسپتال ۾ مليريا جا ڊوز ختم ٿي ويا آهن. سياسي سماجي اڳواڻن محمدعلي راهمون، ذولفقارعلي چانڊيو،محمدهاشم ڪمڀر،  اڪرم گرگيز، افضل راهمون ۽ ٻين چيو ته سرڪار برسات متاثر ڳوٺن ۾ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪري.