غلام شاهه موري (ن پ ا) صوفي مشهور بزرگ سيدشفيع محمد شاه لڪياري  جو ساليانو  ميلو شروع ٿي ويو. ميلي ۾ ملاکڙو راند، صوفي راڳ رنگ جي محفل ٿي. جڏهن ته ميلي ۾ ٿيٽر، موت جو کوهه، سرڪس، رانديڪڙن سميت ڪشمش جي دوڪانن جا اسٽال لڳايا ويا آھن. ميلي ۾ سنڌ جي قومي ملهه ملاکڙي ۾ سنڌ جي پھرين، ٻئي ۽ ٽيئن جوڙ جي ملهه پھلوانن غلام حسين لغاري، مجيد جت، شر موسو پوٽو، امير لاشاري، اعجاز ميراسي، صدام پنھور، اخلاق لغاري، عالم کوکر، پرويز خاصخيلي، بجلي ڪلوئي رسول بخش ڪلوئي، شير دن شريڪ ٿي زور آزمائي هوڪرا ڪرائي ڇڏيا. ان موقعي تي درگاھ سيد شفيع محمد شاھ لڪياري جي گادي نشين  سيد حسن شاهه لڪياري ۽ ملهه مقابلا ڏسڻ ايندڙ تماشائين ملهه پهلوانن کي انعام طور روڪ رقم ڏني.