سکر (بيورو رپورٽ) سکر دارالامان مان نوجوان ناري غلام زهرا مهر جي پراسرار نموني فرار ٿيڻ وارو معامرو، وومين ڊپارٽمينٽ جي صوبائي وزير دارالامان سکر پهچي وئي، ان ڏس ۾  وومين ڊپارٽمينٽ جي صوبائي وزير  شهلا رضا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو دارالامان جا صحافين لاءِ ته دروازا بند ڪيا وڃن ٿا پر فرار ٿيندڙن لاءِ کوليا پيا وڃن، دارالامان ۾ موبائيل فون ۽ ٻيون شيون به پهچن ٿيون جيڪي ملوث آهن، انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي، فرار ٿيل نينگري سپر وومين ناهي جو وڏيون ديوارون ٽپي فرار ٿي وڃي، دارالامان جي عملي ۽ سيڪيورٽي جي ملي ڀڳت کانسواءِ ناري فرار ناهي ٿي. شهلا رضا چيو ته  آفيسرن ۽ عملي جي شديد کوٽ آهي، دارالامان کي ستين  اسڪيل جي سلائي سيکاريندڙ عورت ڪجهه عرصي کان هلائي پئي ته اهڙا مسئلا ته ٿيندا، هن چيو ته دارالامان ۾ پناهه ورتل عورتون ٻاهرين سان رابطي ۾ آهن معذرت سان ڪجهه چئنل جون عورتون به مليل آهن، اهي دارالامان جون وڊيو هلائين ٿيون، نيئن پهتل آفيسر اڃا ڪم شروع به ناهي ڪيو ان مٿان به الزام لڳايا پيا وڃن. جنهن تي صحافين صوبائي وزير کي چيو ته دارلامان انتظاميا موقف ڏيڻ لاءِ تيار ناهي هوندي دروازو ناهي کوليو ويندو ته ظاهر آهي پناهه وٺندڙ عورتن کي درپيش مسئلن جي نشاندهي انهن جي وڊيوز ذريعي ئي ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته دارالامان ۾ 30 کان وڌيڪ عورتون رکڻ جي گنجائش ناهي، پر هتي 50 کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار  رهن ٿا، هن چيو ته درالامان جي سمورن مسئلن متعلق وڏي وزير سان ميٽنگ رکي آهي. 18 سال کان گهٽ ڇوڪرين کي دارالامان نه پر خائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي کي ملڻ گهرجي، وومين ڊپارٽمينٽ ۽  پوليس جاچ ڪري رهي آهي. جلد نينگري واپس ڪرائي ويندي.