ٺٽو ( رپورٽر ) غلام الله ويجھو ڳوٺ جمعون واريو ۾ پورھيت غلام واريو ۽ منظور واريو جي ٻن  گھر کي اوچتو چلھه جي چڻنگ مان باھ لڳي وئي، جنھن سبب اک ڇنڀ ۾ گھرن ۾ پيل الھه تلھه سميت سڙي رک ٿي ويو،  باھ متاثر خاندان ھن وقت کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، جن جي اڃان تائين ڪنھن به سار ناھي لڌي، باھ متاثرن غلام واريو،  منظور واريو ڊي سي ٺٽو ۽ سرندي وارن کي مدد جي اپيل ٿا ڪئي اھي، جيئن ٻيھر گھر ٺھرائي ٻچن کي سردي کان بچائي سگھن..