پشاور (م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي اڳواڻ غلام احمد بلور جو شڪست قبولڻ کان انڪار، اي اين پي ترجمان ثمر بلور جون پي ٽي آءِ کي ڪاميابي جون مبارڪون، اين اي پشاور 31 تي غلام احمد بلور کي عمران خان شڪست ڏني جنهن کانپوءِ غلام احمد بلور نتيجا قبولڻ کان انڪار ڪندي چلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو، غلام احمد بلور چيو ته  عمران خان جي مقبوليت ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي، مون کي اتحادين جي سپورٽ هئي، اليڪشن ۾ حڪومتي مشينري اسان خلاف استعمال ٿي، شڪست تسليم نٿو ڪريان، هن چيو ته صوبائي حڪومت جي انتظاميا مون کي هارايو، حڪومت پولنگ اندر ۽ ٻاهر پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيا هئا، مشورو ڪري اليڪشن ڪميشن يا هاءِ ڪورٽ ويندس. هوڏانهن اي اين پي ترجمان ثمر بلور تحريڪ انصاف کي ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون، اي پي جي ڪارڪنن جا ٿورا مڃون ٿا، اي اين پي جا ڪارڪن هڪ خاندان وانگر سدائين گڏ رهندا.