لاهور (م ڊ) نواز ليگ نائب صدر مريم نواز اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته قوم کي غلامي مان ڇوٽڪاري جو ڀاشن ڏيندڙ پاڻ ٻاهرين طاقتن جو غلام ثابت ٿيو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته فتنو خان پاڪستان جو پهريون ۽ واحد سياستدان آهي، جيڪو هڪ ئي فيصلي ۾ ترديد نه ٿيڻ جوڳن ثبوتن سان ڪوڙو، ڪرپٽ، مني لانڊر ۽ ٻاهرين طاقتن جي چوڻ تي ڪم ڪندڙ ثابت ٿيو آهي. هن چيو ته عمران خان جو پنهنجو ئي ٺاهيل ڪوڙو، ايمانداري ۽ حب الوطني جو بت اڄ اونڌي مُنهن ڪِري پيو، هن چيو ته قوم کي غلامي مان ڇوٽڪاري جا ڀاشن ڏيندڙ پاڻ ٻاهرين طاقتن جو غلام ثابت ٿيو، انهن کان پيسو وٺندو رهيو ۽ ان پيسي کي ملڪ ۾ فتني، ڏڦيڙ ۽ بربادي لاءِ خرچ ڪندو رهيو، ان پرڏيهي ايجنٽ کي پاڪستان جي ترقي روڪڻ، سي پيڪ جي خاتمي لاءِ لانچ ڪيو ويو هو، ڪنڌ شرم سان جهڪي ويو.