ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) غزل جي شهنشاهه مهدي حسن جو وڏو پٽ عارف مهدي حسن ڪراچي ۾لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم مهدي حسن فائونڊيشن جو باني صدر هو ۽ ماهر طبله نواز پڻ هو. عارف مهدي پنهنجي سڄي حياتي والد جي خدمت ۾وقف ڪري ڇڏي.خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته عارف مهدي حسن جي تدفين جي وقت جو اعلان امريڪا ۾ترسيل سندس 4 ڀائرن جي پهچڻ بعد ٿيندو.