غريب عوام جا امير حڪمران

0
164
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ڪنهن دور ۾ سياست عبادت سمجهي ڪئي ويندي هئي،ماڻهو نظرين جا پوئلڳ هوندا هئا،نظرياتي اختلاف رکبا هئا،مخالف جي ڳالهه به ٻڌبي هئي ته ان جو جواب به ڏبو هو.ڇاڪاڻ ته سياست ڪندڙن جا ڪي انفرادي مفاد نه هوندا هئا اهي عوام جي ڀلي جي دعويٰ ڪندي ان لاءِ واقعي ئي جدوجهد ڪندا هئا ته سختيون به برداشت ڪندا هئا. جنهن ڪري ماڻهو سياست کي خراب نه سمجهندا هئا انهن تي عوام جو اعتماد هوندو هو ڀلي هو معاشي طور ايڏا امير نه هندا هئا پر دولت کي معيار جو ماپو يا ڪاميابي  نه مڃيندا هئا هو اخلاقي قدر،عوام جي خدمت ،عوام کي سهولت مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ۽ سماج کي بهتري طرف وٺي وڃڻ کي ئي پنهنجي ڪاميابي سمجهندا هئا. تڏهن دولت جي اها هٻڇ،لالچ ۽ سياست کي دولت ذريعي هلائڻ جي روش اڃا نه پئي هئي تڏهن ئي سياست عبادت هئي. هاڻي سياست عبادت نه رهي آهي اها هاڻِي ڪاروبار بڻجي وئي آهي جڏهن سياست ڪاروبار بڻجي وڃي ته پوءِ ان جي ڪاميابي يا نفعي نقصان جا معيار ۽ ماپا تبديل ٿي ويندا آهن جنهن وٽ جيتري گهڻي دولت اهو اوترو ڪامياب سياستدان،جنهن وٽ جيتري وڌيڪ جاگير ۽ ملڪيت اهو ملڪ جو وڏو معتبر ماڻهو .ڇاڪاڻ ته اڄ جي دور ۾ واعدا، اعتماد، اخلاقي قدر ۽ ويساهه اها اهميت نه ٿا رکن جيڪا دولت هوندي ماڻهو کي ملي رهي آهي، تنهن ڪري سياست انهي پنڌ ڏانهن ڪاهي پئي آهي جيڪا روز عوام کي تباهي طرف وٺي ٿي وڃي پر سياستدانن تي انهي جو فرق نه ٿو پوي. ڇاڪاڻ ته انهن جو عوام سان ته ڪو واسطو ئي ناهي نه ئي هو عوام لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن هو ته عوام جي نالي کي استعمال ڪري رهيا آهن،انهي ڊوڙ جي ڪري سياستدانن جا اثاثا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن ۽ عوام غريب کان غريب ٿي رهيو آهي .

اسان جي ملڪ جي معاشي حالت اتي اچي پهتي آهي جو حڪمران پاڻ چئي رهيا آهن ته ملڪ جي ڏيوالي ٿيڻ جو خطرو آهي جنهن ڪري هر اهو بار عوام تي اڇلايو پيو وڃي جنهن سان ملڪ کي ڏيوالي ٿيڻ کان بچائي سگهجي پوءِ ڀلي عوام لاءِ هڪ ويلو ماني کائڻ به ممڪن نه رهي يا سندن جسم تان کل به لهي وڃي. پر اهڙي حالت هوندي وري جڏهن لڳاتار حڪمران رهندڙ يا سياست ڪندڙ ماڻهن ڏانهن ڏسجي ٿو ته انهي معاشي حالتن جو انهن تي ڪو اثر نه ٿو پوي بلڪه انهن جا اثاثا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن حڪمران هر ڏينهن امير ۽ عوام هر روز غريب ٿيندو ٿو وڃي. اها الائي ڪهڙي منطق آهي جو هن معاشي بحران ۾ به فائدو رڳو حڪمرانن ۽ سياستدانن کي پوي ٿو جيڪي واري واري سان اقتدار ۾ ايندا رهن ٿا يا سياست ۾ آهن. اها ڳالهه اسان نه ٿا ڪيون پر اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل سال 2021ع جي اثاثن جي تفصيلن جي جائزي سان اها ڳالهه سامهون آئي آهي،جنهن مطابق اسان جي سياستدانن جي ملڪيت ۾ ڪيئن واڌ ٿيندي رهي ٿي جڏهن ته اها به حقيقت آهي ته جيڪي انگ اکر اليڪشن ڪميشن وٽ هوندا آهن اهي انهن سياستدانن جي اصل ملڪيت جو اڌ به نه هوندا آهن ڇاڪاڻ ته انهن جون اصل ملڪيتون يا بي نامي هونديون آهن يا وري ٻين مٽن مائٽن ۽ دوستن جي نالي تي هونديون آهن جو پوءِ اڪثر الائي ڪهڙا نالا پيا ذڪر هيٺ ايندا آهن.

اسان سمجهون ٿا ته ڪنهن جي اثاثن ۾ واڌ ٿيڻ ڪو مسئلو نه آهي پر جڏهن ملڪ ئي معاشي طور بدحال هجي ۽ عوام ٻه ويلا کائڻ لاءِ پريشان هجي ته پُوءِ حڪمرانن ۽ سياستدانن جي اثاثن ۾ مسلسل واڌ ڪيترائي سوال ۽ شڪ شبها پيدا ڪري ٿي.تڏهن ئي ته اڄوڪي سياست ۽ سياستدانن تي عوام جو اهو اعتماد نه رهيو آهي جيڪو اڳ ۾ عوام اکيون ٻوٽي ڪندو هو ۽ سياست به هاڻي عبادت بدران ڪاروبار بڻجي وئي آهي ته پُوءِ اهو ڪاروبار ڪندڙ ته سدائين فائدي ۾ رهڻا آهن.