غازي ڳوٺ ۾ پوليس تشدد جو شڪار عورتن جي همت افزائي، اجرڪ اوڍايا ويا

0
270

ڪراچي: غازي ڳوٺ ۾ پوليس  تشدد جو مقابلو ڪندڙ عورتن  ۽ ٻارڙن کي اجرڪ اوڍايا ويا آهن ۽ کين اڳتي به اهڙي قسم جي مدد جي خاطري ڪرائي وئي آهي

جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، سرفراز ميمڻ، عرفان عالماڻي  ۽ ٻين عورتن ۽ٻارڙن کي اجرڪ پارايا

ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته قوم جو تسلسل ايئن برقرار رهندو آهي، هي ڀينرون مزاحمت جي علامت بڻجي ويون آهن

هن چيو ته بهادر نياڻين پنهنجا گهر بچائڻ خاطر شيلنگ، گولين سان گڏ سخت تشدد توڙي اذيت برداشت ڪئي پر پوئتي نه هٽيون، سنڌ جي بهادر نياڻين کي سلام پيش ڪيون ٿا

ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته اسان جي جدوجهد جاري رهندي، ڪنهن به صورت ۾ هٿ نه کنيو ويندو

ھي به پڙھندا

سنڌ جي قومپرست قيادت جو غازي ڳوٺ ۾ جلسو: ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين جون وسنديون پڪيون ڪرڻ جو مطالبو