ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي جي غازي ڳوٺ ۾ پوليس گردي ۽ ڌاري آبادي خلاف سياسي سماجي ڌرين پاران  مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.ان ڏس ۾ ٽنڊي محمد خان ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍي ڦليلي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي رياض چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ غيرقانوني طور آيل پرڏيهين کي ملڪي قانون جي تحت قومي شناختي ڪارڊ ، ڊوميسائيل ، رهائشي سهوليت ، ڪاروبار ڪرڻ جو حق واپس ورتو وڃي، سنڌ جي اندر ڌارين کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو،  گمبٽ ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن پاران شبير جمالي، ڊاڪٽر نذير کوکر، سجاد مڱريو، عامر انصاري، ذاڪر عالماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ قومي شاهراهه کان شيخ چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. فقيرآباد ۾ جسقم ۽ جسم پاران ڪامريڊ فريد خاصخيلي، نواز شنباڻي، حبيب ڀٽي، نظام ٽانوري جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ وائيس چيئرمين فيض الله جوڻيجو، علي نواز ٻٽ، ڊاڪٽر آدم ٻٽ، سراج ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ جناح باغ وٽان ريلي ڪڍي وئي،سڪرنڊ ۾ جسقم پاران مسعود شاهه، مورڙو مير بحر، قربان ٻنڀ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٻئي پاسي عوامي ورڪرز پارٽي پاران اسلم راهو، شاهنواز خاصخيلي، خالد سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.  وارھ ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران محمد خان تنيو، محسن ابڙو، ثناءَ الله چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو.