غازي ڳوٺ پوليس ڪاهه بابت جاچ رپورٽ ۾ ڊرامائي رُخ

0
213
غازي ڳوٺ پوليس ڪاهه
غازي ڳوٺ پوليس ڪاهه بابت جاچ رپورٽ ۾ ڊرامائي رُخ

ڪراچي:غازي ڳوٺ اي بلاڪ ۾ پوليس ڪاهه جي ڊپٽي ڪمشنر طرفان ڪيل جاچ جي شروعاتي رپورٽ ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتي آهي
ڊي سي اوڀر طارق چانڊيو طرفان ذميوار قرار ڏنل بااثر ڊي ايس پي سهراب ڳوٺ سهيل فيض خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي
رپورٽ ۾ ذميوار قرار ڏنل ڊي ايس پي سهراب ڳوٺ بدران سچل ڳوٺ جي ڊي ايس پي کي معطل ڪيو ويو
حددخلين خلاف آپريشن جو شيڊول اي سي ۽ مختيار ڪار، ايڊيشنل ڊي سي سان ملي جاري ڪرايو، جيڪو ڳجهو هو
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آپريشن جي اجازت به ڊپٽي ڪمشنر کان نه ورتي وئي، پوليس ۽ اينٽي انڪروچمينٽ فورس پاڻمرادو آپريشن ڪيو، جڏهن ته آپريشن دوران روينيو کاتي جو ڪو به آفيسر موجود نه هو
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر اوڀر اسسٽنٽ ڪمشنر جي رويي ۽ سندس ڪرپشن سبب اڳ ۾ به سندس خلاف اعليٰ اختيارين کي لکيو ويو هو