غازي ڳوٺ واقعي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا

0
153
غازي ڳوٺ واقعي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا
غازي ڳوٺ واقعي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جَي مختلف شهرن ۾ ڪراچي ۾ سنڌي وسندي غازي ڳوٺ کي ڊاهڻ جي ڪوشش ۽ عورتن تي تشدد واقعي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

ايس يو پي، جسقم، ايس ٽي پي سميت مختلف قومپرست تنظيمن جي سڏ تي احتجاجي مظاهرن دوران نعريبازي ڪئي وئي

ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، سن، جوهي،مانجهند، شهدادڪوٽ سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري حڪمران جماعت خلاف نعريبازي ڪئي وئي

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته غازي ڳوٺ تي چڙهائي ۽ رهواسين تي شيلنگ توڙي تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا

هنن چيو ته ڪراچي ۾ ڌارين جا قبضا ختم ڪرائڻ بدران سنڌي وسنديون ڊاهيون پيون وڃن، جيڪو ظلم آهي، سنڌ جو اجتماعي شعور سنڌي وسندين کي بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو