غازي ڳوٺ تي چڙھائي خلاف احتجاج، سنڌ ۾ ڌارين کي تحفظ ۽ ڌرتي ڌڻين کي بي گھر ڪيو پيو وڃي:اڳواڻ

0
293

ڪراچي: ڪراچي جي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ ۾ پوليس ۽ ائنٽي انڪروچمينٽ فورس جي زيادتين خلاف احتجاج جاري، قومپرستن اڳواڻن، قلم ڌڻين ۽ فنڪارن طرفان غازي ڳوٺ ۾ قائم احتجاجي ڪئمپ تي پهچي رهواسين سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو

 ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين چيو آهي ته سنڌ ۾ افغانين سوڌو ڌارين کي تحفظ ڏئي ڌرتي ڌڻين کي بي گھر ڪيو پيو وڃي، ڪراچي ۾ سنڌي وسندين کي مسمار ڪرڻ جو ڪُڌو سلسلو بند ڪيو وڃي

نياڻين تي تشدد ۾ ملوث عملدارن خلاف ڪيس ۽ ڪارروائي ڪري رهواسين کي ٿيل نقصان جي ازالي جو مطالبو ڪيو ويو، جڏھن تھ غازي ڳوٺ تي چڙھائي دوران ڪوريج ڪرڻ تي صحافين مٿان ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪئي پئي وڃي

ھي به پڙھندا

غازي ڳوٺ تي اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۽ پوليس جِي چڙهائي توڙي چڪرين جِي انڪوائري جو حڪم