غازي ڳوٺ تي چڙهائي ۽ حملو دهشتگردي قرار: حڪومت افغاني تي نوازش ڪندي ڌرتي ڌڻين کي لڏائي رھي آھي: اياز لطيف پليجو

0
329

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو ڪراچي غازي ڳوٺ تي ٻيھر پوليس ۽ بلڊر مافيا جي حملي جي مذمت ڪندي متاثرن مٿان حملو ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي فوري طور برطرف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي

اياز لطيف پليجو چيو ته ڳوٺاڻن کي فائرنگ ۽ ڳوڙھا گئس جا شيل ھڻي عورتن، مردن کي سخت زخمي ڪيو ويو آھي، ڳوٺاڻن تي حملي ۾ ملوث پوليس عملدارن کي برطرف ۽ بلڊر مافيا کي گرفتار ڪيو وڃي

هن چيو ته ڪراچي ۾ پ پ پ حڪومت افغاني، بنگالي، بھاري ۽ ٻيا پرڏيھي آباد ڪري رھي آھي ۽ ڌرتي ڌڻين کي لڏائي رھي آھي

اياز لطيف پليجو چيو ته ڪراچي ۾ سنڌي ماڻھو ضياء ۽ مشرف جي دور ۾ به وطن ۾ بي وطن نه ڪيا ويا، سنڌين کي بلڊر مافيا جي بڇ تي لڏائڻ دھشتگردي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آھي

اياز لطيف پليجو مطالبو ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪري ڪراچي مان سمورا غيرقانوني پرڏيھي واپس موڪليا وڃن آھن