عُرس جي مناسبت سان … شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو

0
177
عُرس جي مناسبت سان ... شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو

 سيد عبدالڪريم المعروف شاھ ڪريم بُلڙيءَ وارو سنڌ جي اوليائن ۽ اوائلي صوفي شاعرن ۾ ھڪ منفرد مقام رکي ٿو. پاڻ مٽياري شھر ۾ ويھين شعبان 944 ھجري بمطابق 20 جنوري 1538ع ۾ ڄائو. سندس والد بزرگوار، جنھن جو نالو سندس سوانح نگار لعل محمد لکن ٿا، تنھن کي تحفتہ الڪرام جي صفحن تي سيداللھ لکيو ويو آھي. سيد لعل محمد شاھ جو شجرهِ نسب سيد علي بن حيدر ھروي سان ملي ٿو، جيڪو افغانستان جي صوبي ھرات کان سنڌ ۾ آيو. پاڻ ڪجھ عرصو تاريخي شھر ھالاڪنڊي ۾ قيام ڪيائون، جتان پوءِ دريا جي اُٿل سبب شھر ڦٽڻ جي ڪري ويجھو ھڪ نئون ڳوٺ متعلوي (مٽياري) آباد ڪيائون.

                 سيد عبدالڪريم جو والد سندس ننڍپڻ ۾ وفات ڪري ويو، جنھن کانپوءِ سندس پرورش سندس والدہ ۽ وڏي ڀاءُ سيد جلال الدين ڪئي. چئن پنجن سالن جي عمر ۾ کين مڪتب ۾ پڙھڻ لاءِ ويھاريو ويو، جتي بيان العارفين جي لکت موجب پاڻ فقط ٻہ سيپارہ پڙھيائون، باقي وقت ذڪر ۽ فڪر ۾ گذاريائون. سندس وڏي ڀاءُ کي ھن جي تعليم جي گھڻي اون رھندي ھئي پر پاڻ مڪتب ڇڏي وڃي سماع جي محلفن ۾ شريڪ ٿيندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن واعظن ۾ بہ وڃي شامل ٿيندو ھو.

معيار السالڪين طريقت ۽ تاريخ تحفتہ الڪرام جي بيان موجب سيد عبدالڪريم وڏي عرصي تائين روحاني رياضتون ۽ مجاھدہ ڪيا. مثال طور، صبح سوير مسجد ۾ اذان ڏئي جماعت جي گڏ ٿيڻ تائين دُرود ۽ وظيفن ۾ مصروف رھندو، نماز کانپوءِ گھر اچي ماني پچائڻ، کائڻ ۽ کارائڻ کانپوءِ فارغ ٿي شھر مان گدائي ڪري اچي فقراءَ جو پيٽ ڀرائيندو ھو. ان کانپوءِ ھو پنھنجي ڪُلھي تي ھر رکي ڏاند ڪاھي ٻنيءَ تي ويندو ھو، جتي ڳچ وقت ھر ھلائي ڍڳن جو گاھ ڪري موٽندو ھو. ڍڳن آڏو گاھ پٺو رکي ظهر واري نماز جي تياري ڪندو ھو. مسجد ۾ اذان ڏئي باجماعت نماز ادا ڪري وري ساڳي ريت ڍڳا ڇوڙي دير تائين ھر ڪاھي، ڍڳن کي پاڻي پياري گاھ کڻي گھر موٽندو ھو. عصر، مغرب ۽ عشا جون نمازون ادا ڪري گھر جو ڪم ڪار لاھي فقراءَ کي کارائڻ کان واندو ٿي، پنھنجي ڳوٺ کان پريان ”راھوت“ ڳوٺ طرف روانو ٿيندو ھو. رستي ۾ ايندڙ ھر ڳوٺ جي مسجد ۾ وضو لاءِ پاڻي ڀري رکندو ھو ۽ ترسيل مسافرن جي خدمت چاڪري پڻ ڪندو ھو.

تصوف ۾ عرفان جون اعليٰ منزلون ماڻڻ باوجود سموري حياتي شريعت ۽ سنت مطابق گذاريائين. عبادتن ۾ کين تھجدن سان بيحد لڳاءُ ھو. ڪڏھن ڪڏھن تھجد جي پھرين رڪعت ۾ ايترو روئندو ھو جو مٿس بيخودي جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي ھئي. پنھنجي حالت کان بي خبر صبح تائين سِر سجدي ۾ رکي پيو ھوندو ھو ۽ ٻي رڪعت ادا ڪري نہ سگھندو ھو. حسرت مان چوندو ھو تہ ماڻھو الائي ڪيئن تھجد ادا ٿا ڪن. ھونئن تہ شاھ عبدالڪريم جي حياتي جو خاص شغل ۽ مصروفيت ھئي ذڪر، عبادت ۽ رياضت پر مرشد جي فرمودي موجب دنياداري ۾ روزمرہ جو ڪار وھنوار بہ ھلائيندا رھيا. پوکي راھي، ڍور ڍڳي يا ڪاٺي ڪلي کان وٺي مزدوري ڪندا رھيا، کيس مالڪ سائين ڳلي ۾ سُھڻا سُر ڏنا ھئا. ڪم ڪار جي دوران جڏھن سُريلي آواز ۾ بيت پڙھندو ھو تہ کيس ساٿي مزدور چوندا ھئا تہ ھو ڪم نہ ڪري، فقط ھڪ ھنڌ ويھي شاعري ٻڌائي ۽ سندس حصي جو ڪم اسان پاڻ ٿا ڪريون.

سيد عبدالڪريم پنھنجي ساٿين، ھمدردن ۽ مُريدن جي ھدايت خاطر شاعري بہ ڪئي جيڪا سندس فرزند ۽ بيان العارفين جي مرتب سيد دين محمد شاھ گڏ ڪئي ھئي. سندس ڪلام بيتن جي صورت ۾ آھي، جن جو تعداد 94 آھي. ھي بيت سنڌي اوائلي ڪلاسيڪي ادب جو اھم حصو آھن. انھن بيتن جو مفھوم مشھور مقامي قصن ڪھاڻين جھڙوڪ عمر مارئي، سُھڻي ميھار ۽ ليلان چنيسر وغيرہ جي تمثيلن تي مشتمل آھي. سندس شاعري جا موضوع ڏسي مرزا قليچ بيگ ڪتاب ترتيب ڏنو ھو ”رسالا ڪريمي“، جنھن جي مھاڳ ۾ ھن لکيو ھو تہ، ”شاھ ڪريم جي شخصيت شاعر کان وڌيڪ وليءَ جي آھي“. علامہ عمر بن محمد دائودپوٽي کيس سنڌيءَ ٻوليءَ جو پھريون اھم ترين شاعر ڪوٺيو آھي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ بہ علامہ دائودپوٽي جي بيان جي تائيد ڪئي آھي. شاھ ڪريم پنھنجي شاعريءَ ۾ جيڪي عنوان، اشارا، ترڪيبون ۽ گھاڙيٽا استعمال ڪيا آھن، ساڳيا ئي اسلوب سندس پويان آيل شاعرن جھڙوڪ شاھ عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم محمد زمان، شاھ عنايت، عبدالرحيم گرھوڙي ۽ شاھ عنايت رضوي اختيار ڪيا. شاھ لطيف ڀٽائي بہ سفر ۾ بہ جيڪي ڪتاب پاڻ سان گڏ کڻندو ھو، تن ۾ ھڪڙو سندس تَڙ ڏاڏي شاھ ڪريم جو رسالو بہ ھو.