اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عيد جي موڪلن دوران عمران خان کي حراسان نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس عامر فاروق عيد جي ڏينهن دوران عمران خان جي گرفتاري روڪڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان کي خدشو آهي ته عيد جي 5 ڏينهن  موڪلن دوران ڪو آپريشن ڪيو ويندو، چيف جسٽس چيو ته ڪيس جا تفصيل طلب ڪري سگهون ٿا پر ڪو خالي آرڊر ڪيئن جاري ڪيون؟، عدالت عمران خان جي درخواست تي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو ۽ عمران خان کي عيد جي موڪلن دوران هراسان نه ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.