اسلام آباد / لاهور (بيورو رپورٽ+م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پوليس کي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي هراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي 8 ڪيسن ۾عبوري ضمانت ۾ 3 مئي تائين واڌ ڪندي 3 مئي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  لاهور هاءِ ڪورٽ ۾  عمران خان جي هڪ ئي نوعيت جا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ۽ زمان پارڪ ۾ امڪاني آپريشن روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عمران خان عدالت پيش ٿيو. جسٽس علي باقر نجي ريمارڪس ڏنا ته هن درخواست ۾ اسان کي ڪجهه تڪڙي نوعيت نظر نه آئي، ويجهڙ ۾ اسان زمان پارڪ ٻاهران افسوسناڪ صورتحال ڏٺي آهي. سرڪاري وڪيل چيو درخواستگذار اهڙو رليف گهري رهيو آهي، جنهن جو بنياد رڳو خدشا آهن، هيل تائين جي اطلاعن موجب ڪو آپريشن پلان نه ڪيو ويو پر مختلف ڪيسن ۾ جي آءِ ٽيز ٺهيون آهن، جيڪڏهن ڪي شاهديون سامهون اچن ٿيون ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪارروائي ڪندا. جسٽس عاليا نيلم چيو جيڪڏهن درخواستگذار ضمانت تي آهي ته پوءِ توهان ان کي هٿ نٿا لائي سگهو، توهان عيد جي ڏينهن ۾ ڪجهه نه ڪندئو. عمران خان روسٽرم تي اچي چيو انهن جي ڳالهين سان مون کي هاڻ يقين ٿي ويو آهي ته ايڪشن وٺندا، مون شورٽي بانڊ ڏنو ۽ اسلام آباد ويس پر انهن منهنجي گهر تي حملو ڪيو، مون کي اطلاع آهي ته انهن کي منهنجي گهر ايڪشن ڪرڻو آهي. جسٽس انور الحق چيو پنهنجي پنهنجي واري تي هر ڪو تشدد ڪندو آهي، عيد جو موقعو آهي، هڪٻئي کي ڀاڪر پايو، عمران خان چيو هيءَ قوم مون کي 50 سالن کان سڃاڻي ٿي. جسٽس علي باقر نجفي چيو خان صاحب توهان جون اهي ڳالهيون اسان گهڻا ڀيرا ٻڌي چڪا آهيون، اسان چاهيون ٿا ته توهان ڪا نئين ڳالهه ڪيو، قوم کي مستقبل جو پلان ڏيو. لارجر بئنچ درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي عمران خان کي هراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ هدايت ڪئي ته پنجاب حڪومت جي وڪيل جي بيان جي روشني ۾ ڪيس جي ٻڌڻي تائين فريادي سان قانون موجب ورتاءُ ڪيو وڃي. هاءِ ڪورٽ عمران خان جي درخواست تي جلد ٻڌڻي جي اپيل رد ڪندي چيو ته مرڪزي درخواست ٻه مئي تي ٻڌڻي لاءِ مقرر آهي.