عيد تي ڪورونا ايس او پيز جون ڀڃڪڙيون، مثبت ڪيسز جي شرح ۾ واڌ، وڌيڪ 40 ماڻهو فوت

0
243

ڪراچي(ڊيسڪ رپورٽ) سڄي ملڪ ۾ عيد الضحيٰ جي موقعي تي عوام طرفان ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي جو سلسلو جاري آهي، جنهن ڪري ڪيسز ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ مثبت ڪيسز جي شرح 6.39 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي ۽ ڪورونا وگهي وڌيڪ 40 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد فوتين جو انگ 22 هزار 928 ٿي ويو، اين سي او سي موجب گذريل 2ڪلاڪن دوران 34 هزار 216 شهرين جي ٽيسٽ ڪئي وئي، 2هزار 158 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا مجموعي ڪيسز 9 لک 98 هزار 609 تائين پهچي ويو، هن کان علاوه 24 ڪلاڪن جي دوران ملڪ ۾ 895 مريض ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو تعداد 9 لک 22 هزار 929 ٿي ويو آهي.