ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عيد تي  ڀاڙا وڌائيندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ٻئي ڏينهن به ڪارروايون: هزارين رپيا ڏنڊ: مسافرن  کي 9 لک واپس، ان حوالي سان ڪراچي ۾ 289 گاڏين جي چيڪنگ ڪري مسافرن کي 5 لک 51 هزار رپيا واپس ڪرايا ويا. ڄامشوري ۾ انڊس هاءِ وي تي ڪارروائي ڪندي 2 ڪوچن جا دستاويز ضبط ڪري روٽ پرمٽ  رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، جڏهن ته مسافرن کي 267000 رپيا واپس ڪرايا ويا. شهيد بينظير آباد ۾ وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪندڙ 9 گاڏين کي چالان  ڪري ٽرانسپورٽرن تي 8 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو. مسافرن کي 10,000 رپيا واپس ڪرايا ويا. روهڙي  ويجهو سکر ملتان موٽر وي تي  ٽرانسپورٽرن تي 5,800 رپيا ڏنڊ وجهي مسافرن کي 12000 روپيا موٽايا ويا. ٺٽي ۾ 25 گاڏين جي چيڪنگ ڪري مسافرن کي 7500 رپيا واپس ڪرايا ويا. شڪارپور ۾ وڌيڪ ڀاڙو وٺندڙ گاڏين تي 5 هزار  ڏنڊ وڌو ويو، جڏهن ته مسافرن کي  4300 رپيا واپس ڪرايا ويا. لاڙڪاڻي ۾ وڌيڪ ڀاڙو وٺڻ تي ٽرانسپورٽرن مٿان 22 هزار رپيا ڏنڊ وجهي  مسافرن کي  16600 رپيا واپس ڪرايا ويا. بدين ۾  گاڏين تي 7 هزار ڏنڊ وجهي مسافرن کي 11500 رپيا واپس ڪرايا ويا. مٺي، سانگهڙ ۽ ٻين ضلعن ۾  ۾ ڪارراويون جاري رهيون،ٻئي طرف ٽرانسپورٽ کاتي موجب  ملازمن جون موڪلون رد ڪري  عيد جي موڪلن دوران ڪارروائي جاري رکي ويندي