ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران عيدتي واڌو ڀاڙا وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي جو فيصلو، ٽرانسپورٽ کاتي جي اختيارين پاران واڌو ڀاڙن جون شڪايتون وصول ڪرڻ لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويا ان حوالي سان ٽرانسپورٽ کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل پبلڪ نوٽيس موجب ته ٽرانسپورٽ کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري سليم بلوچ کي صوبائي سطح تي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، سکر، عمرڪوٽ، ٿر ، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي سميت 15 ضلعن ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويا آهن، ان سلسلي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي سيڪريٽري عبدالحليم شيخ چيو آهي ته شهري واڌو ڀاڙا وٺندڙن جون فوڪل پرسنز کي شڪايتون ڪن.