اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري عيد جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ آباد سمورن مسلمانن کي مبارڪون ڏنيون آهن، پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته خوشي جي هن موقعي تي والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جي ڀائرن کي ضرور ياد رکيو وڃي، جيڪي هن وقت ظلم ۽ بربريت جو شڪار آهن. آصف زرداري چيو ته سمورن خوشحال طبقن کي گهرجي ته اهي عيد جي خوشين ۾ مستحق ۽ معاشي طور ڪمزور مسلمان ڀائرن کي به شريڪ ڪن جيڪي غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته اسان محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو پاڪستان ٺاهي پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائينداسين، بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ پ پ پنهنجي منشور اٽي لٽي اجهي تي ثابت قدم آهي.