عيد تي ناياب نسل جا 24 ٻڪر قربان ڪندڙ ملتان واسي شهري جي ڌوم متل

0
249

ملتان (انٽريسٽنگ نيوز) عيد الاضحيٰ جي موقعي تي جانورن جي قرباني ڪرڻ سڀ ڪنهن جي خواهش هوندي آهي پر مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي مسئلن جي ڪري تمام گهٽ ماڻهو اهڙا آهن جيڪي قرباني جو خواب ساڀيان ڪري سگهندا آهن. پر ڪي ماڻهو وري اهڙا به آهن جيڪي قرباني ايتري ته ڪندا آهن جو ٻين لاءِ مثال بڻجي ويندا آهن. ڏکڻ پنجاب جي شهر ملتان جو رهواسي جاويد اختر انصاري به انهن خوش نصيب ماڻهن مان آهي جيڪي پنهنجي مرضي موجب جانور ذبح ڪري قربان ڪرڻ جي حيثيت رکن ٿا. سندس قرباني جي خاص ڳالهه اها آهي ته هو هر سال راجن پوري نسل جي 2 ڊزن ٻڪرن جي قرباني ڪندو آهي. هو ايتري انگ ۾ ٻڪر گذريل 40 سالن کان قربان ڪري رهيو آهي. هو قرباني لاءِ هرسال 24 ٻڪر خريد ڪندو آهي ۽ پوءِ انهن کي پالي قربان ڪرڻ لاءِ تاتي وڏو ڪندو آهي ۽ عيد واري ڏينهن کين الله جي راهه ۾ قربان ڪندو آهي.