لاهور(شوبز نيوز) عيدالاضحيٰ تي به پاڪستان جون فلمون رليز ٿي رهيون آهن انهن مان هڪ فلم تيري ميري ڪهانيان آهي جيڪا ٽن ڪهاڻين تي ٻڌل هڪ شارٽ فلم آهي. فلم ۾ اداڪار وهاج علي ۽ مهوش حيات ڪم ڪري رهيا آهن. پروڊيوسر سيمي نويد چيو ته هي وڏي بجيٽ جي فلم آهي جنهن کي ڪراچي جي مختلف جاين تي فلمايو ويو آهي، هن ۾ 3 مشهور هدايتڪار ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ نديم بيگ ، مرينه خان ۽ نبيل قريشي شامل آهن. انهن الڳ الڳ ڪهاڻين تي ڪم ڪيو آهي. فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ رمشا خان، هراماني، سلمان ثاقب خان (ماني) به ڪم ڪري رهيا آهن. خليل الرحمان قمر، واسع چوڌري، علي عباس نقوي ۽ باسط نقوي ڪهاڻين جا ليکڪ آهن.