اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پوري پاڪستاني قوم کي عيد جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته دعاڳو آهيان ته هن عيدالفطر جو بابرڪت ڏينهن منهنجي وطن سوڌو پوري دنيا لاءِ امن، ڀائيچاري ۽ خوشحالي جو وسيلو ثابت ٿئي، هن چيو ته هي عيد ان عزم سان ملهائڻ گهرجي ته اسان معاشري مان پولرائيزيشن جو خاتمو ڪنداسين، اسان سڀني کي آئين سان گڏ بيهڻو آهي، هن چيو ته پاڪستان کي هم آهنگي، رواداري ۽ برابري جو گهوارو بڻائڻ لاءِ اسان ميدان ۾ اٽل بيٺل آهيون، 73ع جي آئين جي حتمي فتح واضح آهي. پ پ چيئرمين چيو ته عوام کي اپيل آهي ته اهي عيد تي غريب، محتاج ماڻهن کي به پنهنجي خوشين ۾ شامل ڪرڻ نه وسارن.