ڪراچي (م ڊ) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عيد الفطر جو ڏينهن مذهبي جوش۽ جذبي سان ملهايو ويو. عيد جي موقعي تي ٽئي ڏينهن شهرن ۾ رونق رهي. ماڻهن مختلف تفريحي ماڳن جو به رخ ڪيو. جڏهن ته ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري تي ماڻهن جي وڏي رش نظر آئي. عيد جا ٽئي ڏينهن ٻارن ۾ وڏو جوش جذبو نظر آيو. عيد جي اجتماعن ۾ ملڪي ترقي ۽ موجوده صورتحال تي خاص دعائون پڻ ڪيون ويون. عيد جي ڏينهن ۾ مختلف شهرن م بجلي بندش جون به شڪايتون مليون.