عيد الاضحيٰ جو پيغام ۽ قرباني جو اصل فلسفو

0
336
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اڄ سڄي ملڪ ۾ عيد الاضحيٰ روايتي مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي. اسان روزاني پنهنجي اخبار ڪراچي ۽ ٽائيم نيوز جي سٿ جي طرفان سمورن مسلمانن ۽ ملڪ واسين کي دل جي گهراين سان عيد جون مبارڪون پيش ڪريون ٿا، ان اميد سان ته الله تعاليٰ هي ڏهاڙو سڀني لاءِ خوشين جو سبب بڻائي ۽ سمورا ڏک ڏولاوا پري رهن. هي اهو ڏهاڙو آهي جيڪو عبادتن جو مجموعو آهي ۽ هي ڏينهن اسان کي ان عظيم هستي جي قرباني جي ياد ڏياري ٿو جيڪا الله تعاليٰ جي پياري پيغمبر حضرت ابراهيم عليه السلام پنهنجي پروردگار جي حڪم تي پنهنجي پياري پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام کي قرباني لاءِ پيش ڪري ڪئي هئي. ان ڏهاڙي کانپوءِ هزارين سالن کان اها روايت جاري آهي ۽ جيستائين هي دنيا قائم آهي تيستائين حضرت ابراهيم عليه السلام جي ان قرباني کي ياد ڪيو ويندو. عيد نالو ئي آهي خوشين جو، پر خوشيون به اهڙي طريقي سان ملهايون وڃن جو ڪنهن ٻئي کي تڪليف نه پهچي. اڄ سڄي ملڪ ۾ ماڻهو عيد جي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ جانورن جون قربانيون ڪندا. قرباني به هر سرندي واري تي فرض آهي، ۽ قرباني جو اصل فلسفو اهو آهي ته ذبح ٿيندڙ جانور جي گوشت مان غريبن جي مدد ڪئي وڃي. قرباني جي گوشت جا 3 حصا ڪرڻا هوندا آهن هڪ حصو غريبن لاءِ، ٻيو حصو دوستن ۽ مٽن مائٽن لاءِ ۽ ٽيون پنهنجي گهر ڀاتين لاءِ هوندو آهي. پر اڪثر نظر ايندو آهي ته جيڪي به ماڻهو قرباني ڪن ٿا اهي غريبن ۽ مائٽن جو حصو به پنهنجي لاءِ رکندا آهن، اهو عمل قرباني جي اصل روح جي خلاف آهي. ان کان پاسو ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته جانور جي کلن کي به اهڙن حقدارن کي ڏيڻ گهرجي جن بابت يقين هجي ته اهي واقعي به ان مدد جا حقدار آهن. خاص طور تي ڪنهن به شڪي اداري يا شخص کي نه ڏيڻ گهرجن جيڪي ان رقم ۽ امداد جو غلط استعمال ڪن. اهو به ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن جي مليل امداد کي غلط ڪمن ۾ استعمال ڪري ٿو ته ان جي غلط عمل جو امداد ڏيندڙ به اوترو ئي ذميوار هوندو آهي.
قرباني جي حوالي سان ٻيو اهم معاملو اوجهرين، آنڊن ۽ گند کي ٺڪاڻي لڳائڻ جو آهي. عام طور تي ڳوٺ هجن يا شهر ڏٺو ويو آهي ته جانور ذبح ڪرڻ کانپوءِ ان جو رت صاف ناهي ڪيو ويندو ۽ اوجهرين کي به روڊن تي ۽ کليل ميدانن ۾ ڦٽو ڪيو ويندو آهي جنهن سان هڪ طرف گندگي ٿيندي آهي ته ٻئي طرف بدبوءِ پکڙجي ويندي آهي ۽ سڄي سماج لاءِ آزار ٿي ويندو آهي. ان ڪري صفائي جو خاص خيال رکڻ گهرجي. رت صاف ڪري اوجهريون اهڙي هنڌ رکيون وڃن جتان حڪومتي عملدار انهن کي سولائي سان کڻي سگهن. جڏهن ته حڪومت ۽ انتظاميا جو به فرض آهي ته اهي اهڙا انتظام ڪن جو سمورو گند بروقت کڄي سگهي ۽ اهو عوام لاءِ عذاب نه بڻجي. جڏهن ته ڳوٺن ۾ وري گند کي کڏون کوٽي پوري ڇڏجي ته جيئن ماحول گندو ٿيڻ کان بچي سگهي. عوام کي ٽين ڳالهه اها به ياد ڏيارڻي آهي ته هن وقت اسان جنهن وقت عيد ملهائي رهيا آهيون ته هي خطرناڪ مرض ڪورونا جو دور آهي جنهن ڪري اسان کي وڌيڪ احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي. وائرس کي پکڙئي هي ٻيو سال هلي رهيو آهي ۽ ان ۾ ايتريون ته تبديليون اچي چڪيون آهن جو هي وائرس هاڻ وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويو آهي. خاص طور تي هن وائرس جو ڊيلٽا قسم تمام خطرناڪ آهي، جيڪو هڪ ته پکڙجندو تمام تيزي سان آهي ۽ ٻيو ته هن وائرس جي ڪري موت جي شرح به ٻين سمورن قسمن کان وڌيڪ آهي ان ڪري احتياط ڪري ئي هن وائرس کان بچاءُ ڪري سگهجي ٿو. ڊيلٽا وائرس اسان جي ملڪ خاص طور تي سنڌ صوبي ۽ ان جي راڄڌاني ڪراچي ۾ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي ۽ اسپتالن ۽ طبي مرڪزن تي دٻاءُ وڌي ويو آهي. ڪراچي جي سڀ کان وڏي اسپتال سول اسپتال، جناح اسپتال، آغا خان اسپتال، انڊس اسپتال، لياري جنرل اسپتال ۽ ٻين اسپتالن ۾ مريضن جي گنجائش يا ته ختم ٿي وئي آهي ۽ اهي اسپتالون وڌيڪ مريض قبول نه پيون ڪن يا وري ختم ٿيڻ تي آهي ان ڪري صورتحال ڪنٽرول مان نڪرڻ کان اڳ وائرس تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. اسان کي ميل ميلاپ ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي، هٿ ملائڻ، ڀاڪر پائي ملڻ کان پاسو ڪيو وڃي. 6 فٽن جي سماجي وٿي رکڻ گهرجي. عيد جي نماز لاءِ به ٻارن ۽ بزرگن کي نه وٺي وڃڻ گهرجي، هونئن به هي فرض ڪفايا آهي جيڪڏهن ڪو هڪ شخص ادا ڪري ٿو ته ٻين تان به اهو فرض لهي ويندو آهي. ان ڪري جيڪڏهن هڪ مسجد ۾ عيد جي نماز ادا ڪئي وئي ته ٻين تان فرض لهي ويندو ان ڪري گهڻي رش کان پاسو ڪري رڳو انهن ماڻهن کي عيد نماز لاءِ وڃڻ گهرجي جيڪي صحتمند آهن. حڪومت جي هدايتن ۽ مقرر ڪيل ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. ماسڪ جو استعمال جاري رکڻ گهرجي. جڏهن ته سڀ کان اهم ڳالهه ته ويڪسين ڪرائڻ گهرجي ته جيئن هن وائرس جو مقابلو ڪري سگهجي. ويڪسين ئي هن وائرس جو علاج آهي ان ڪري 18 سالن کان وڌيڪ ڄمار جا جيڪي به شهري آهن اهي ويڪسين ڪرائين. هن عيد تي جيڪڏهن جائزو وٺبو ته نظر ايندو ته تمام گهڻي تبديلي اچي وئي آهي، هن عيد تي اهي تمام گهڻا ماڻهو اسان سان ناهن رهيا جيڪي گذريل عيدن تي گڏ هوندا هئا. انهن لاءِ به دعائون ڪجن ۽ ان سان گڏ احتياط به ڪجي ته جيئن ٻين پيارن کي رڳو يادون ٿيڻ کان بچائي سگهجي. بهرحال اسان هڪ ڀيرو وري پنهنجي پڙهندڙن ۽ سمورن ملڪ واسين کي عيد جون واڌايون پيش ڪريون ٿا ان اميد سان ته الله تعاليٰ سڀني کي خوشيون عطا ڪري. جڏهن ته پنهنجي دعائن ۾ پنهنجي ڳوٺ، سنڌ، ملڪ واسين کي ياد رکيو وڃي.