واشنگٽن(انٽرسٽنگ نيوز) وڪي عمودو نالي عورت پنهنجي نئين گھر لاءِ پراڻو فرنيچر وٺڻ لاءِ ويب سائيٽ تي ڳولا شروع ڪئي پر ان دوران ويب سائيٽ تي هن کي هڪ مفت جي آفر ۾ سٺو صوفو ۽ هڪ ڪرسي نظر آئي. عورت موجب ويب سائيٽ تي ڏنل نمبر تي هن ڪال ڪئي ته اشتهار ڏيندڙ شخص جو چوڻ هو ته فرنيچر هن جي مرحوم مائٽ جي ملڪيت هئي پر هاڻي گھر جي پراڻي سامان کي فوري طور وڪرو ڪري رهيا آهن، ان لاءِ ڪيتريون ئي شيون بنا معاوضي ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. وڪي عمودو جو چوڻ هو ته ان بعد مان ڄاڻايل ايڊريس تي پهچي صوفو ۽ ڪرسي پنهنجي گھر کڻي آيس پر ڪجهه دير کان مون کي محسوس ٿيو ته هڪ صوفي ۾ ڪجهه گڙٻڙ آهي، جڏهن هن کي  کوليو ته مان حيران رهجي ويس، ڇو ته ان جي اندر لڳ ڀڳ 36 هزار ڊالر جي رقم مختلف لفافن ۾ موجود هئي. رپورٽن موجب عورت سموري رقم ان خاندان کي واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جتان هن صوفا آندا هئا. عورت جي ايمانداري کي ڏسندي ان خاندان ان پئسن مان 4 لک رپيا رقم هن کي انعام ۾ ڏني، جيئن هوءَ ان مان نئون فرنيچر وٺي سگھي.1