ٺٽو ( رپورٽر ) سنڌ جي عورت اڳواڻن، سياسي، سماجي شخصيتن، تعليمي ماھرن ۽ شاگردن سنڌ جي عورت کي خودمختيار عورت بنائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آھي تہ جيستائين عورت جي ھٿن ۾ ليڊرشپ نہ ھوندي تيستائين معاشرو ترقي نٿو ڪري سگھي. سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ٺٽو پاران ٻئي ادبي ميلي ۾ 21ھين صدي ۾ عورتن جو سماج ۾ ڪردار ۽ خودمختياري جي عنوان هيٺ ٿيل ادبي ويهڪ کي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر عرفانہ ملاح چيو تہ پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ٻين ملڪن ۾ عورتن جي خودمختياري اھم ۽ نرالي آھي، سريلنڪا ۾ 94 سيڪڙو عورتون پڙھائي ۽ روزگار سان سلھاڙيل آھن ، ملائشيا ۾ 84 سيڪڙو، چائنا ۾ 100 سيڪڙو، ھندستان ۾ 75 سيڪڙو ۽ بنگلاديش ۾ 78 سيڪڙو عورتون پڙھائي ۽ روزگار سان واڳيل آھن. جڏھن تہ پاڪستان ۾ 35 سيڪڙو عورتن پڙھن ٿيون ۽ صرف 10 سيڪڙو عورتون گريجوئيٽ آھن. ھن چيو تہ جنھن ملڪ جي عورت تعليم ۽ روزگار کان وانجھيل ھوندي تہ اھا ڪھڙي خودمختيار ٿي سگھي ٿي. امر سنڌو چيو تہ ون يونٽ ۾ جيڪا تحريڪ ھلي ھئي، ان ۾ عورتن جو اھم ڪردار رھيو آھي، عورتن جي سياسي تحريڪ ۾ اختر بلوچ ۽ مائي بختاور کي وساري نٿو سگھجي. جڏھن تہ جدوجھد جي ميدان ۾ مائي. جندو جو اھم ڪردار آھي، پرھ سومرو چيو تہ ھڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت عورتن کي گھر ڀيڙو ڪيو ويو آھي، صدين کان عورتن کي غلام بڻايو ويو آھي، لٽريچر جي حوالي سان عورتن جو ريشو نہ ھئڻ جي برابر آھي. ھن چيو تہ ويجھڙائي ۾ اھڙي ڪابہ شئي نظر نٿي اچي، عورتن کي تاريخ، سائينس، جياگرافيائي پڙھائي وڃي، ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر رفيق ميمڻ، سيدہ فضا شاھ، فيضان اسماعيل ميمڻ، لڪي جاکرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ميلي ۾ مختلف کاڌن سميت ڪتابن جا اسٽال لڳائي مصوري جي نمائش ڪئي وئي. جڏھن تہ لائبرري جو قيام بہ عمل ۾ آندو ويو. آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل ۾ راڳي عباس فقير، محبوب خاصخيلي ۽ ٻين سُرن جي ورکا ڪئي.