احمدپور (ن پ ا) احمدپور ۾ مڙس جي تشدد سبب عورت پناهه لاءِ ٿاڻي تي پهچي وئي، ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ  محمد اسماعيل ڪڙيو جي رهواسڻ 25 ورهين جي عورت مريم شيخ مڙس جي مبينا تشدد کان تنگ ٿي احمدپور ٿاڻي تي پهچي پناه وٺي ڇڏي. عورت مڙس ماڻڪ ڪڙيو جي مبينا زيادتين خلاف پوليس اڳيان دانهون ڪيون. بعد ۾ پوليس پاران عورت کي سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ پير ڳوٺ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد عورت جي خواهش تي عدالت پاران کيس ماء صدوري شيخ حوالي ڪيو ويو.