اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) وفاقي محتسب جي فيصلي کانپوءِ عورت ملازم کي هراسان ڪرڻ جي الزام ۾ جنرل مئنيجر سيڪيورٽي ميجر (ر) امجد کي برطرف ڪري ڇڏيو. وفاقي محتسب عدالت ۾ پي آءِ اي جي متاثر ملازم جي شڪايت تي هراسان ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عورت ملازم پي آءِ اي جي ويجيلنس اينڊ سيڪيورٽي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪري رهي هئي، جڏهن هن پنهنجي جي ايم ميجر (ر) امجد خلاف هراساني جي شڪايت داخل ڪرائي هئي.