لاهور (م ڊ) عورت مارچ لاهور پاران خواجه سرائن بابت شرعي عدالت جي فيصلي جي مذمت ڪئي وئي آهي ۽ سپريم ڪورٽ کان نظرثاني جو مطالبو ڪيو ويو آهي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي عورت مارچ لاهور پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته عورت مارچ لاهور پاران جماعت اسلامي جهڙين جماعتن جي چوڻ تي شرعي عدالت پاران آيل فيصلي جي شديد مذمت ڪئي وڃي ٿي. عورت مارچ لاهور پاران چيو ويو ته اسان فيڊريشن آف پاڪستان کان هن فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. سپريم ڪورٽ کان به مطالبو ٿا ڪريون ته خواجه سرائن جي آئيني حقن ۽ برابري کي برقرار رکندي شرعي ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني ڪري ان کي غيرآئيني قرار ڏنو وڃي. وفاقي شرعي عدالت جو فيصلو خواجه سرائن جي تسليم ٿيل حقن کي نظرانداز ڪري ٿو آئين جي آرٽيڪل 25 ۾ ڏنل برابر تحفظ جي آئيني ضمانت سان به ٽڪراءَ ۾ آهي. عورت مارچ لاهور پاران خواجه سرائن کي بنيادي حق ۽تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.