عورت جي نالي سان ناول لکندڙ 3 مرد پڪڙجي پيا

0
267
عورت جي نالي سان ناول
عورت جي نالي سان ناول لکندڙ 3 مرد پڪڙجي پيا

بارسلونا(دلچسپ نيوز) عورت جي نالي سان ناول لکندڙ 3 مرد پڪڙجي پيا. اسپين ۾ هڪ ادبي تقريب دوارن لا بيستيا نالي ناول کي 20 ڪروڙ رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. تقريب دوارن ناول جي ليکڪا ڪارمن مولا کي انعام لاءِ سڏ ٿيو ته دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي ڇاڪاڻ ته انعام وٺڻ لاءِ آگسٽين مارٽينيز،هورگي ڊياز۽ اينٽونيومرسيرو نالي ليکڪ اسٽيج تي پهچي ويا، ٽنهي دوستن ڪارمن مولا جي نالي سان ناول لکڻ جو پڻ اعتراف ڪيو تصديق ٿيڻ بعد انتظاميا انعامي رقم ٽنهي ليکڪن ۾ برابر ورهائي ڇڏي.

واضح رهي ته ناول لابيستيا جي ڪهاڻي 1834 ۾ دستن جي آيل عالمي وبا بابت لکيل آهي جنهنکي اسپين ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي رهي آهي، جڏهن ته ڪارمن مولا کي 40 ورهين جي عورت ۽ پروفيسر ظاهر ڪيو ويو سندس بابت ڄاڻايو ويو ته هو ٽن ٻارڙن جي ماءُ آهي ۽ فارغ وقت ۾ ناول لکندي آهي، ڪارمن مولا جا جعلي انٽرويو پڻ ٽي وي تي هلرايا ويا جن ۾ سندس شڪل لڪائي وئي. ٻئي طرف ادبي حلقن پاران عورت جي نالي سان ناول ڇپرائڻ تي  سخت تنقيد ٿيڻ لڳي. ان حوالي سان ڪينيڊين ليکڪا سوسين سوان جو چوڻ آهي ته ليکڪن کي انعامي رقم فوري طور واپس ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته انهن ۾ مرد ٿي لکڻ جي جرئت ناهي ته پوءِ کين انعام وٺڻ جو به حق ناهي.

ھي به پڙھندا

هڪ سال جو ٻارڙو سوشل ميڊيا اسٽار بڻجي پوڻا 2 لک رپيا ماهوارڪمائڻ لڳو