عورت جي موبائل چارجر اڏام جو رخ موڙي ڇڏيو

0
297

واشنگٽن (دلچسپ نيوز) عورت جي موبائل چارجر اڏام جو رخ موڙي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ٽوڪيو کان ڊيلاس ويندڙ آمريڪي ايئر لائن ۾ انوکو واقعو پيش آيو، 26 ورهين جي مسافرعورت موبائل چارج نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي، ايئير هوسٽس مسافر عورت کي چارجر خراب هجڻ بابت آگاهه ڪيو،مسافرعورت ايئرهوسٽس جي هڪ نه ٻڌي ۽ ساڻس وڙهڻ لاءِ ڪاڪ پٽ ڏانهن اڳتي وڌي، پائليٽ جهيڙي واري صورتحال ڏسي جهازجو رخ موڙي واشنگٽن جي سيتل ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرايو، جنهن بعد ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي عملي ۽ ڪسٽمز عملدارن مسافرعورت کي گرفتارڪري ورتو جٿي هن پنهنجي غلطي جي معافي ورتي پر کيس ڏنڊ ڀرڻو پئجي ويو.