ڪراچي(انٽرسٽنگ نيوز) ڊاڪٽر آپريشن ڪري عورت جي اک مان نظر جا 23 ڪانٽيڪٽ لينسز ڪڍي ورتا. هونئن جيڪڏهن اوهان جي نظر ڪمزور هجي يا اوهان شوقيه طور تي لينس لڳائيندا آهيو ته يقينن اوهان رات جو سمهڻ وقت انهن لينسز کي لاهڻ ناهيو وساريندا. سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو اڳيان آئي آهي جنهن ۾ هڪ ڊاڪٽر کي عورت جي اک مان لينسز ڪڍندي ڏسي سگهجي ٿو جنهن ڏسندڙن کي به حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر موجب عورت رات جو سمهڻ وقت پنهنجي اک مان لينس لاهڻ وساري ويهندي هئي ۽ سمهڻ وقت لينس اک جي مٿان هليا ويندا هئا جڏهن ته ٻئي ڏينهن عورت ڪجهه نظر نه اچڻ تي نئون لينس لڳائيندي هئي ۽ اهو اهڙو عمل لاڳيتو 23 ڏينهن تائين ڪندي رهي. عورت جي اک مان لينسز ڪڍڻ جي وڊيو ڊاڪٽر ٺاهي جنهن ۾ ڊاڪٽر کي انتهائي احتياط سان لينسز ڪڍندي ڏسي سگهجي ٿو. ميڊيا رپورٽن موجب ڊاڪٽر طرفان سوشل ميڊيا تي ٻڌايو ويو ته عورت جي اک مان نڪرندڙ لينسز جو انگ 23 هو.