واشنگٽن(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪي عورت اسڪاءِ ڊائيونگ دوران مزي سان برگر کائيندي رهي جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي. اسڪاءِ ڊائيونگ ڪرڻ لاءِ همت ۽ مضبوط دل سان گڏ پنهنجي اعصاب تي مڪمل ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي ۽ ان دوران سمورو ڌيان درست وقت تي پيراشوٽ کولڻ تي به هوندو آهي. پر اڄ اسان اوهان کي هڪ اهڙي وڊيو بابت ٻڌائي رهيا آهيون جنهن ۾ هڪ عورت اسڪاءِ ڊائيور آسمان تان ٽپو ڏنو، هن جو ڪارنامو صرف ايترو ئي نه هو بلڪ عورت ان دوران مزي سان برگر به کائيندي نظر آئي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عورت وينگ سوٽ تي ويٺل آهي ۽ اسڪاءِ ڊائيونگ دوران مزو وٺندي برگر کائي رهي آهي ۽ گڏوگڏ ڊانس به ڪري رهي آهي. وڊيو ۾ نظر ايندڙ اسڪاءِ ڊائيور عورت جو تعلق آمريڪي رياست فلوريڊا سان آهي جنهن اسڪاءِ ڊائيونگ دوران برگر کائيندي مهارت سان پنهنجو پيراشوٽ به کوليو.