عورت جو پنهنجي طلاق تي شاندار پارٽي جو اهتمام

0
240

ڪراچي(م ڊ) شادي يا سالگره جي موقعن تي ته توهان دوستن کي پارٽي ڏيڻ جي باري ۾ يقينن ٻڌو هوندو پر ڇا ڪڏهن ڪنهن جي طلاق تي پارٽي ڏيڻ جو ٻڌو آهي؟.

پرڏيهي ويب سائيٽ موجب لنڊن ۾ رهندڙ 45 ورهين جي سونيا گپتا 17 سالن جي تي ٻڌل شادي کي ختم ڪري هن کي پنهنجي آزادي قرار ڏنو ۽ خوشي ۾ هن طلاقت ٿيڻ تي پارٽي به رکي جنهن ۾ ويجهي مٽن مائٽن ۽ دوستن کي به دعوت ڏني.

رپورٽ موجب سونيا گپتا رنگ برنگي ٿيم پارٽي جو اهتمام ڪيو، ڇو ته سونيا طلاق لاءِ ٽن سالن کان ڪوششن ۾ مصروف هئي، جنهن ۾ آخر ڪار هو ڪامياب ٿي وئي ۽ خوشي ۾ هن شاندر پارٽي رکي.

تصوير ۾ عورت کي انتهائي خوش ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته هن کي FINALLY DIVOCED  جو سليش به پاتل آهي.