عورت جج کي ڌمڪي وارو ڪيس: عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ ضمانت ٿيڻ جوڳن وارنٽ ۾ تبديل

0
173
عمران خان کي حراست ۾ ورتو ويو
عمران خان کي حراست ۾ ورتو ويو

عورت جج کي ڌمڪي واري ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ ضمانت ٿيڻ جوڳن وارنٽ ۾ تبديل

اسلام آباد جي عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ايڊيشنل سيشن جج فيضان حيدر گيلاني جي عدالت عمران خان جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو

عمران خان جي وڪيل گوهر علي خان درخواست تي دليل ڏنا، سينيئر سول جج رانا مجاهد رحيم عورت جج کي ڌمڪي واري ڪيس ۾ عمران خان جا 29 مارچ تائين ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا