ڍورونارو (ن پ ا) ڍورونارو ويجهو عورت نجما مٿان تشدد وارو معاملو، عمرڪوٽ جي عدالت جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت پاران ضمانت واري درخواست رد ڪرڻ تي ڍورونارو پوليس 4 جوابدارن جميل نھڙي، رحمت الله نھڙي، قربان نھڙي ۽ لطيف نھڙي کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٻه جوابدار عمر نھڙي ۽ صدام نھڙي فرار ٿي ويا، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڳوٺ کڻهار ۾ عورت نجمه مٿان تشدد ڪرڻ واري ويڊيو وائرل ٿي هئي جنهن بعد جوابدارن خلاف عورت نجما جي ڀاءُ سائينداد نھڙي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو.