نوابشاهه (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بختاور گرلز ڪيڊٽ ڪاليج جي عمارت جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي بختاور ڪيڊٽ ڪاليج ۾ سائنسي ميلي جو افتتاح ڪيو ويو، ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته عورتون معاشري جو اهم حصو آهن، گرلز ڪيڊٽ ڪاليج جي شاگردياڻين جو مستقبل روشن آهي.