عورتن کي ڪرڪيٽ سوڌو جسم جي نمائش وارين راندين جي اجازت نه ڏينداسين: طالبان

0
607
عورتن کي ڪرڪيٽ

ڪراچي(م ڊ) طالبان جي ثقافتي ڪميشن واري نائب سربراهه احمد الله واثق جو چوڻ آهي ته عورتن کي ڪرڪيٽ سوڌو ڪنهن به اهڙِي رانڊ جي اجازت نه ڏينداسين جنهن ۾ هن جو جسم ۽ چهرو ڍڪيل نه هجي.

آسٽريلوي ميڊيا سان ڳالهائيندي طالبان اڳواڻ جو چوڻ هو ته عورتن جو راندين ۾ حصو وٺڻ نه ئي مناسب آهي ۽ نه ئي وري ضروري آهي، مخالفين جي رد عمل جي ڪري اسلامي اقدار کي پائمال نه ڪنداسين.

ثقافتي ڪميشن واري نائب سربراهه احمد الله واثق جو چوڻ هو ته منهنجو خيال ناهي ته عورتن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي ڇو ته ڪرڪيٽ ۾ عورتن کي اهڙِي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوي ٿو جتي هن جو جسم ۽ چهرو ڍڪيل ناهي هوندو ۽ اسلامي تعليم جي خلاف آهي.

هن چيو ته هي ميڊيا جو دور آهي ۽ سمورا ماڻهو وڊيوز ۽ تصويرون ڏسندا آهن، امارت اسلامي افغانستان عورتن کي ڪنهن به اهڙي راند جي اجازت نه ڏيندو جنهن سان عورتن جو جسم ظاهر ٿئي.

هن چيو آهي ته هي في الحال عبوري حڪومت آهي، ٻئي مرحلي ۾ عورتن کي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويندو.

واضح رهي ته طالبان ٻه ڏينهن اڳ افغانستان جي عوبري حڪومت جو اعلان ڪيو هو جنهن ۾  ڪا به عورت شامل نه آهي، جنهن تي يورپي يونين ۽ ٻين يورپي ملڪن ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو.