ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر شعبي ۾ ٻن هفتن جي انٽرنشپ مڪمل ڪندڙ اميدوارن سنڌ جي محتسب شاهنواز طارق سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. هنن ڪورست بابت محتسب کي بريفنگ ڏني ۽ پنهنجي شعبي کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي محتسب عورتن کي ڪم وارين جاين تي هراسان ڪرڻ بابت قانون ۽ ان جي روڪٿام بابت کنيل قدمن تي روشني وڌي. هن عورتن کي هراسان ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ لاءِ به زور ڀريو.