ڪابل (م ڊ) طالبان افغانستان ۾ جلد سياسي حڪومت قائم ڪرڻ ۽ اڳوڻن سمورن ملازمن، فوجين، پوليس آفيسرن ۽ مخالفن لاءِ عام معافي جو اعلان ڪندي عورتن کي به حڪومت ۾ شامل ٿيڻ ۽ ڪم تي واپس اچڻ جي دعوت ڏني آهي ۽ چيو آهي ته عورتن لاءِ برقعو لازمي ناهي پهر حجاب پهرڻ لازمي آهي، ميڊيا به اسان جي قدرن ۽ شرطن تحت آزادي سان ڪم ڪري سگهندي، اسان جا پاڪستان، چين ۽ روس سان سٺا لاڳاپا آهن پر اسان ڪنهن به بلاڪ جو حصو ناهيون، ڪابل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو ته افغانستان کي آزاد ڪرائڻ سڀني جي خواهش هئي ۽ حق هو، ڪنهن سان ذاتي دشمني نه رکنداسين ۽ امن قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، افغانستان جي سرزمين ڪنهن به دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين. سڀني پرڏيهي ادارن ۽ هتي ڪم ڪندڙن کي مڪمل تحفظ ڏنو ويندو، پرڏيهي سفارتڪارن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائينداسين، ڪابل جا شهري مطمئن رهن، اهي محفوظ رهندا. سندس چوڻ هو ته عورتون اسان جي معاشري جو معزز حصو آهن ۽ کين اهي سمورا حق ڏنا ويندا، جيڪي دين ڏنا آهن، اسلامي اصولن موجب عورتن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته سڀني افغانين جي عقيدن ۽ روحاني قدرن جو احترام ڪنداسين. ذبيح الله مجاهد موجب ميڊيا آزاد آهي پر قاعدن ۽ اصولن جي پابندي ڪري، ميڊيا کي آزادي سان ڪم ڪرڻ ڏنو ويندو، پرڏيهي ميڊيا غير جانبدار رهي ته تنقيد به برداشت ڪنداسين، ميڊيا افغانستان ۾ قومي ڀائيچاري کي هٿي ڏئي. ميڊيا آزاد آهي سمورا ادارا پنهنجون سرگرميون جاري رکن. هن چيو ته اسان جون 3 تجويزون آهن، نشريات اسلامي قدرن سان ٽڪراءُ ۾ نه هجڻ گهرجي، غيرجانبدار هجڻ گهرجي ۽ قومي مفادن خلاف ڪابه شيءَ نشر نه ٿئي. طالبان ترجمان چيو ته افغانستان ۾ سياسي حل لاءِ مشاورت جاري آهي، اسين ڊاڪٽر عبدالله سان رابطي ۾ آهيون ۽ اسين نٿا چاهيون ته ڪو اهڙو اڳواڻ جيڪو عوام جي خدمت ڪري سگهي ۽ ماڻهن ۾ اهم حيثيت رکندو هجي ان کي نظام کان ٻاهر رکيو وڃي. افغانستان ۾ القاعدا کي سرگرمين جي اجازت هوندي؟ واري سوال جي جواب ۾ ذبيح الله مجاهد چيو ته اسين ڪنهن به پرڏيهي ويڙهاڪ کي اهڙو ڪوبه ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، جنهن سان ٻين ملڪن جي سلامتي کي خطرو هجي، هن چيو ته افغانستان هاڻي منشيات کان پاڪ هڪ اهڙو ملڪ هوندو پر ان لاءِ عالمي امداد جي ضرورت آهي اسان کي متبادل فصلن جي ضرورت آهي ۽ اسين اميد ڪريون ٿا ته اها لعنت ختم ٿي ويندي. طالبان ترجمان چيو ته اسين پنهنجي قانون تي عمل ڪري رهيا آهيون اسان کي اهو حق حاصل آهي ڪنهن کي افغان عوام جي فڪر نه ڪرڻ گهرجي، امارات اسلامي عورتن جي حق تي يقين رکي ٿي اسان جون سموريون ڀينرون محفوظ آهن اسان جو خدا ۽ قرآن چوي ٿو ته عورتون معاشري جو اهم حصو آهن. ذبيح الله مجاهد چيو ته اسان جي ڀينرن ۽ اسان جي عورتن کي هڪجهڙا حق حاصل آهن، تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ اهي اسان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪرڻ واريون آهن، عورتن سان ڪوبه اڻ وڻندڙ سلوڪ نه ٿيندو پر اهو سڀ اسلامي اصولن موجب ٿيندو. هن چيو ته عورتن جا حق سنجيدا مسئلو آهي اسين خاطري ڪرايون ٿا ته اسلام جي دائري اندر کين سمورا حق فراهم ڪيا ويندا ۽ هو اسلامي روايتن جو خيال رکندي پنهنجون سرگرميون جاري رکي سگهن ٿيون.

ڪابل: افغانستان ۾ طالبان عورتن سميت سمورن سرڪاري ملازمن لاءِ عام معافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب طالبان سرڪاري ملازمن کي چيو آهي ته ڪابل ۾ حالتون معمول تي اچي رهيون آهن ڪنهن کي به ڊڄڻ جي ضرورت نه آهي. سمورا ملازم معمول جي زندگي جيان پنهنجي زندگي جي شروعات ڪن ۽ ڪم تي واپس اچي وڃن انهن کي سندن پگهارون ڏنيون وينديون ۽ ڪجهه به نه چيو ويندو. طالبان طرفان سرڪاز ملازمن جي نالي پيغام ۾ چيو ويو آهي ته پنهنجن ادارن ۾ نئين سر ڪم تي اچو ۽ پنهنجي خيالن کي 20 سال اڳ وارين حالت موجب بحال ڪريو. رشوت، غبن، تڪبر، بدعنواني ۽ سستي کان بچو جيڪا گذريل 20 سالن کان ڪنهن وائرس جيان سرڪاري ادارن ۾ پکڙيل آهي. طالبان طرفان تحفظ جي يقين ڏيارڻ کان پوءِ ڪيترائي سرڪاري ملازم ۽ ڊاڪٽر پنهنجي ڪم تي واپس اچي ويا آهن. جڏهن ته ڪابل شهر جي روڊن تي ٽريفڪ پوليس ٻيهر ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. طالبان انهن کي حفاظت جو يقين ڏياريو آهي.