ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عورت اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته  قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ عورتن جي سيٽن کي 20 مان وڌائي 35 سيڪڙو ڪري کدڙن فقيرن ۽ معذورن کي پڻ نمائندگي ڏني وڃي، جنرل سيٽن تي عورتن جي نمائندگي 5 مان وڌائي 15 سيڪڙو ڪئي وڃي،  سينيٽ سميت اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي 33 سيڪڙو چيئرمين شپ عورتن کي ڏئي،  اليڪشن آفيسن ۾ عورت عملي جي مقرري يقيني بڻائي، پوئتي پيل طبقن جي جي آئيني تحفظ،  سماجي شموليت ۽ حقن کي يقيني بڻايو وڃي ـ ڪالهه عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان عورت فائونڊيشن پاران “سياسي پارٽين جو منشور ۽ چونڊ نظام ۾ عورتن جي گنجائش“ جي سري هيٺ ڪوٺايل پيپلز اسيمبلي کي  خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي رعنا انصار چيو ته عورتون ڪم ته کوڙ ڪن ٿيون پر انھن کي اها خبر ناھي ته اھي پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ  ڪٿي آواز اٿارين؟ هن چيو ته تعليم شعور جو نالو آھي، پڙھيل لکيل عورت نه رڳو گھر پر سماج لاءِ به ڪارآمد آھي،  ڇاڪاڻ ته عورتن کي مسئلن بابت وڌيڪ خبر ھجي ٿي، عورتن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم وڌيڪ ڪم ڪيو آھي، نسرين جليل اسانجي  سينيئر  ڊپٽي ڪنوينر آھي. آئون سنڌ اسيمبلي ۾ متحده جي پالياماني اڳواڻ آهيان، هن چيو ته اسانجي منشور ۾ ڪارو ڪاري جو خاتمو شامل آھي، پ پ ايم پي اي غزاله  سيال چيو ته پ پ جي منشور ۾ عورتن کي وڏي اھميت حاصل آھي، پ پ وومين بينڪ،  وومين ٿاڻا۽  ٻيا ادارا قائم ڪيا، سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ جون ڪيتريون ئي عورتون جنرل سيٽن تي ڪامياب ٿي آيون آھن، متحده  ايم پي اي منگلا شرما چيو ته  ڪنهن به سياسي جماعت جي ڪور ڪاميٽي ۾ اقليتن کي ڪا نمائندگي ناهي، ھتي ڪنهن اقليتي ايم پي اي يا اڳواڻ  تي خاص نوازش ٿئي ٿي ته کيس اقليتن واري وزارت ڏني وڃي ٿي، جماعت اسلامي جي طيبه  عاطف چيو ته اسان گذريل 30 سالن کان اسٽريٽ چلڊرين لاءَ ڪم ڪيو،  اڄ پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ 150 اسڪول قائم آھن، هن چيو ته جماعت اسلامي عورتن جي حوالي سان اھم ڪم ڪيو آهي،  جن علائقن ۾ عورتن کي ووٽ ڏيڻ جي به اجازت ناھي، اتي جماعت اسلامي عورتن کي اليڪشن جي مرحلي ۾ پنهنجي ووٽ جو حق ادا ڪرڻ بابت آگاھي ڏني آھي، تقريب کي مھناز رحمان، ـتحسين شيخ،  ريحانه  افروز  ۽ ٻين خطاب ڪيو ـ