عورت، برابريءَ جو حق ۽ سياست

0
115
لوڪل گورنمنٽ لئبريري اٿارٽي قائم ٿي سگهندي؟

 اڄ 8 مارچ آهي. پوري دنيا ۾ اڄ جي ڏينهن کي عورتن جي حقن ۽ آزاديجو ڏينهن ڪري ملهايو ويندو. دنيا جو شايد ئي ڪو اهڙو ملڪ يا سماج هجي،جتي عورت جي حقن ۽ مرد ۽ عورت جي برابري جو سوال بحث ۾ نه ايندوهجي. ٻين لفظن ۾ اسان هي ڏسون پيا ته تمام دنيا جي اندر عورتن پنهنجي سماجي حيثيت ۾ اهو برابري جو مقام حاصل ناهن ڪري سگھيون، جيڪا حيثيت مرد کي مليل آهي. ترقي يافته معاشرن جي اندر به عورتون پنهنجي ان حيثيت کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ حقن جي جدوجهد ڪندي نظر اچن ٿيون. پوئتي پيل معاشرن ۽ سماجن خاص ڪري ملڪن جي اندر عورت جي برابري جي حيثيت جو ته تصور ئي ڏکيو آهي پر حقن جي جدوجهد به گھڻ رخي ۽ تضادن جي شڪار نظر ايندي. هاڻي سوال بنيادي هي آهي ته ٻن انسانن جي وچ ۾ جنس جي بنيادن جو جيترو فرق رکيو ويو آهي يا وڌايو ويو آهي، انهيءَ جي وڌيڪ تفصيل ۾ وڃڻ جي ايتري ضرورت ناهي، ڇو ته هاڻي تمام ماڻهو اهو سمجھن ٿا ته عورت انساني سماج جي ارتقا ۾ هر وقت ٻئي درجي ۾ رهندي آئي آهي.

                 طبقاتي سماج جي اندر ته اها صورتحال وڌ کان وڌ خراب رهندي پئي اچي پر سوشلسٽ معاشرن جي اندر به عورت جي سماجي حيثيت مرد جي برابر ائين نظر نٿي اچي، جئين مرد پنهنجي لاءِ حيثيت ۽ مقام ٺاهيو آهي. ڇا عورت جي برابري طبقاتي سماجي تضادن ۽ معاشي اڻبرابري جي بنيادن تي ٻئي درجي تي رکي وئي آهي يا مرد پنهنجي جنس جي بالادستي جي بنيادن تي عورت کي اهو حق نٿو ڏئي؟ ڇا ان ۾ عقيدن ۽ نظرين جو عمل دخل آهي يا عقيدا۽ نظريا جيڪي به ڏنا ويا آهن، انهن ۾ مرد جي بالادست حيثيت کي انهيءَ ڪري تسليم ڪيو ويو آهي يا ان جي حمايت ڪئي وئي، جئين فلسفه ۽ نظريا مرد جي لاءِ قابلِ قبول ٿي سگھن. بيشڪ عورت افزائش نسل جي قدرتي صلاحيت رکي ٿي ۽ اها ئي صلاحيت انهيءَ جي لاءِ پيچيدگيون پيدا ڪرڻ جو سبب رهيو آهي. قديم دور جي سماجن ۾ انسان پنهنجي نسلي واڌاري ۾ ئي بقا تصور ڪئي، انهيءَ ڪري فرد هڪ حد تائين خاندان ۽ سماججي لاءِ ملڪيت جو درجو رکي پيو ۽ اهوئي ڪارڻ آهي جو عورت جيڪا فرد کي تخليق ڪري ٿي، انهيءَ کي وڌيڪ ملڪيت تصور ڪيو ويو. تنهن ڪري ان ملڪيت تي پنهنجي حاڪميت ۽ اجاراداري رکڻ فطرتي عمل جڙيو. اهوئي سبب هو جڏهن ڪارل مارڪس ڪميونسٽ مينيفيسٽو لکيو هو، تڏهن مارڪس ملڪيت جي حوالي سان سرمائيدار طبقي جي ان الزام جو طنزيه جواب ڏنو هو ته، “هي سرمائيدار ۽ ذاتي ملڪيت پسند طبقي جا ماڻهو ڪميونسٽن تي هي الزام لڳائي رهيا آهن ته ڪميونسٽ جئين ته تمام ملڪيت کي ذاتي ملڪيت کان ختم ڪري مشترڪا ملڪيت جي حيثيت ڏيندا ته ان سان گڏوگڏ هو عورتن کي به ذاتي رشتن مان ختم ڪري مشترڪا حيثيت ڏئي ڇڏيندا. اهڙا الزام هو ڪميونسٽن تي انهيءَ ڪري لڳائي رهيا آهن ته هنن جي دماغ ۾ عورت جي حيثيت انسان واري آهي ئي ڪانه. هو عورت کي ملڪيت تصور ڪن ٿا،

تنهن ڪري ذاتي ملڪيت جي خاتمي جي نظريي ۾ هو اهوئي ٿا ڏسن ۽ سمجھن ته عورت به مشترڪا ملڪيت ٿي ويندي. ڪميونسٽ عورت کي ملڪيت نه پر انسان سمجھن ٿا، هن جي حيثيت مرد جي برابر هوندي مرد ۽ عورت جي وچ ۾ فرق نه رهندو. عورت معاشي ۽ سياسي اهوئي حق سماج ۾ حاصل ڪندي، جيڪي مرد کي ملندا. ها، فرق رڳو هي ايندو ته هاڻي واري عورت کي ملڪيت سمجھڻ جو تصور غير طبقاتي سماج جي اندر ختم ٿي ويندو”. عورت جو اهو وڏو الميو رهيو آهي ته هو انسان هجڻ جي باوجود جڏهن پنهنجي برابري جو سوال مرد جي آڏو رکي ٿي، تڏهن ان جي ان حيثيت کي مڃڻ جي لاءِ اڪثريتي مرد پوري طرح سان تيار نظر نه ايندو. هاڻي سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته عورت پنهنجي برابري جي ان انساني حق کي حاصل ڪئين ٿي ڪري سگھي؟ ڇا فلسفي، بحث مباحثن جي ذريعي سان عورت پنهنجي برابري جو حق حاصل ڪري ٿي سگھي؟ جيڪڏهن فلسفين جي دنيا کي ڏسنداسين ته اڪثريتي فلسفي انساني معاشري جي ترقي جو بنياد عورت ۽ مرد جي برابري جي بنيادن تي تشريح ڪندا رهيا آهن. انهيءَ کان علاوه جيڪڏهن اسان حياتياتي نقطه نگاھ کان بحث ڪندي برابري جي نقطن کي اڀارينداسين ته ڇا اهو بحث ناهي ڪيو ويو. سماجي ترقي ۾ عورت جي اهميت ۽ ڪردار تي هر رخ کان بحث مباحثا ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا. بيشڪ انهيءَ ۾ هڪ اهو نقطه نظر به موجود آهي، جيڪو عورت جي برابري کي نظرياتي ۽ حياتياتي نقطه نگاھ کان تسليم نٿو ڪري پر دنيا ۾ انهن جو تعداد تمام ٿورڙو آهي. هن وقت دنيا جي اندر تمام گھڻا نظريه عورت ۽ مرد جي برابري جي حق ۾ آهن پر انهيءَ جي باجود سماجي حقيقتن ۾ عورت کي اهو برابري وارو مقام ناهي ملي سگھيو. پوءِ ائين ڇو آهي ته تسليم ڪرڻ جي باوجود عورت برابري جو مقام ناهي حاصل ڪري سگھي، يعني جيڪو مقام ۽ حيثيت مرد کي مليل آهي، اها عورت کي حيثيت ناهي ملي سگھي. اسان کي ٺيڪ طرح سان سنجيدگي سان انهيءَ جي سببن ۽ بنيادن کي سمجھڻو پوندو. جيستائين اسان انهيءَ کي نٿا سمجھون ته پوءِ اسان مسئلي جو ٺيڪ طرح سان حل نٿا ڪڍي سگھون. انساني سماج جي اندر تمام انساني حقن جي حاصلات، نظرين ۽ فلسفن جي تشريحن جي باوجود تڏهن حاصل ٿي سگھي آهي، جڏهن حق سياسي تحريڪن جو نظريو بڻيا آهن. سياسي نظريي کان سواءِ ڪو به سماج ۾ حق نٿو ڪري حاصل ڪري سگھجي ۽ هن وقت تائين عورت جي ڪمزور حيثيت جو اصل سبب هن جو سياسي عمل ۾ ڪمزور هجڻ ئي آهي. جيستائين سياسي سگھ ۽ طاقت نه بڻجندي، ان وقت تائين هو پنهنجي ڪمزوري ۽ مظلوميت تي صرف دانهون ڪندي يا احتجاج ڪندي نظر ايندي ۽ اهو ممڪن ئي ناهي ته نظرياتي بنيادن تي يا اخلاقي بنيادن تي هڪ لک دليل ڏيندي مرد جي بالادست سماج ۾ عورت پنهنجا حق حاصل ڪري سگھي يا برابري جو حق ان کي ملي سگھي. اسان کي عورت جي سياسي ڪردار جي متعلق اهو به ٺيڪ طرح سان ذهن ۾ ويهارڻ گهرجي ته ڪجھ عورتن جي سرگرم ٿيڻ سان يا پارٽي جي اڳواڻي ڪرڻ سان عورتن کي ملي ويندا ۽ برابري جو حق تسليم ڪيو ويندو اهو هڪ يوٽوپين ۽ احمقانه تصور ٿيندو.

مثال هن سب ڪانٽيننٽ جي اندر عورتن جي سياسي ڪردار ۾ اسان کي پارٽين جي اڳواڻي ڪندي عورتون نظر اچن ٿيون، جئين هندستان جي ڪانگريس پارٽي جي اڳواڻي اندرا گانڌي ڪيتري ئي عرصي تائين ڪئي. هندستان جي سياسي تاريخ ۾ گانڌي، نهرو يا مولانا آزاد کان پوءِ اندرا جو قد ڪاٺ تمام مٿانهون رهندو آيو. هوءَ قتل کان پوءِ به سياست جي دنيا ۾ تمام وڏي حيثيت ۽ مهانتا رکي ٿي. اهڙي طرح سان بنگلاديش جي اندر شيخ مجيب جي ڌيءَ حسينه واجد بنگلاديش جي سياست ۾ انتهائي طاقتور رڳو ڪردار ناهي پر هن بنگلاديش کي معاشي بحران کان ڪڍي ترقي جي راھ تي آندو آهي. هتي پاڪستان ۾ محترمه بينظير ڀٽو جو مثال اسان جي اڳيان آهي. هن وقت ن ليگ ۾ مريم نواز پوري پارٽي تي ڇانئجي چڪي آهي. ڀلي ان جا ڪهڙا به ڪارڻ هجن پر انهن عورتن جي پنهنجي صلاحيت جي حيثيت کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي پر انهن پنهنجن دورِ حڪومتن ۾ عورتن جي لاءِ ڪهڙا سنجيده ۽ برابري جا فيصلا ڪيا، اهو هڪ تفصيلي بحث ڪرڻ گھرجي. مجموعي طور تي اسان کي تمام عورتن جي سماجي حيثيت ۽ معاشي حيثيت ساڳئي نظر اچي ٿي، ڇو ته انهن اڳواڻ عورتن پنهنجي سياسي پاپولرٽي کي جنسي بحثن ۽ برابري جي بحثن ۾ نه الجھايو ۽ نه وري مرد جي سياسي طاقت کي پاڻ کان جدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي يا مرد کان جدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻيو ته دولتمند طبقي ۽ اشرافيا ڪلاس جون عورتون روئڻ ۾ ته عورتن سان گڏ هونديون آهن، مظلوميت ۽ حقن جون به ڳالهيون ڪنديون پر مفادن حاصل ڪرڻ ۾، کائڻ ۾ ۽ ٺٺ ٺانگرن ۾ هو حڪمران طبقي سان يعني حڪمران طبقي جي مردن سان گڏ هونديون آهن. هو اهڙو ڪو به رسڪي ڪم نه ڪنديون، جن سان هو پنهنجو پاڻ کي پريشان ڪن يا سياسي طور تي الجھاءَ جو شڪار ٿين. تنهن ڪري ڪجھ عورتن جي اڳواڻي يا ليڊري جي اميدن کان هٽي ڪري عورتن کي خود پنهنجي لاءِ سياسي سگھ پيدا ڪرڻي پوندي. جيستائين عورتون سياسي عمل ۾ طاقتور نه ٿينديون يا يعني سياسي پارٽين ۾ هو پنهنجي ۽ مرد جي برابري حاصل نه ڪنديون، ان وقت تائين هو حقن جي ۽ برابري جي حاصلات جي خواهش ئي رکنديون پر حق حاصل ڪري نه سگھنديون. هي آزادي مارچ، بحث ۽ تقريرون اوستائين اڌورا عمل رهندا، جيستائين پوري طرح سان پختگي سان صنفِ نازڪ جي تصور کان پاڻ کي آجو ڪرڻ پڪي پختي طريقي سان سياسي عمل ۾ اڳتي نه ٿيون وڌن. اسان جي دانشورن ترقي پسندن ۽ فيمينسٽن يعني تمام پرتن کي، جن ۾ مرد ۽ عورتون ٻئي شامل آهن، گڏجي ڪري عورتن جي سياسي راھ کي پختي طريقي سان مضبوط ڪرڻ جي ۽ راھ هموار ڪرڻ جي ضرورت آهي، خاص ڪري هن وقت تمام سياسي پارٽين تي (جيڪي پاڻ کي لبرل ۽ ڊيموڪريٽ چون ٿيون) سخت تنقيد ڪرڻ ۽ عورتن کي پارٽيءَ ۾ برابري جي حيثيت ڏيڻ جي سوال کي اڳتي وڌائجي پر انهيءَ کان وڌيڪ خود عورتن کي پنهنجي سياسي شعور، فڪر ۽ عمل کي اڳتي وڌائي گھرجي. تڏهن ئي ممڪن ٿيندو ته عورت برابري جو حق حاصل ڪري سگهندي.